Ghous-e-Pak Ki Naseehatain

Book Name:Ghous-e-Pak Ki Naseehatain

بيان جي سَعَادت حاصِل ڪن ٿا۔ الله پاڪ اسان کي نيڪي جي دعوت ڏيڻ جو نه ختم ٿيندڙ جذبو نصيب فرمائي۔ آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّیْن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۔

  اچو! حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي انهن انقلابي بيانن مان عِلم ۽ حڪمت ۽ نصيحت جا مدني گل ٻڌڻ جي سعادت حاصِل ڪيون ٿا:

(نصيحت:2): الله پاڪ جو پيارو بڻائيندڙ عمل

11 جمادي الآخر، 545 هجري تي حُضُور غوثِ اعظم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي مدرسي ۾ بيان ڪيو، ان دوران پاڻ فرمايائون: اي مال دارؤ! جيڪڏهن دُنيا ۽ آخرت جي ڀلائي چاهيو ٿا ته پنهنجي مال جي ذريعي غريبن سان همدردي ڪيو! پوءِ غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ حديثِ پاڪ بيان فرمائي: ([1]) الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: ماڻهو الله پاڪ جا عِيَال آهن، الله پاڪ کي سڀ کان وڌيڪ پيارو اهو آهي جيڪو الله پاڪ جي عيال کي گھڻو فائدو پهچائڻ وارو هجي۔([2])

غوث پاڪ جي مبارڪ بيان جي وضاحت: عِيال؛ عَول مان بڻيو آهي، ان جي معنيٰ آهي محتاجي. اهي ماڻهو جن جو ڪپڙو لٽو، خرچ وغيره انسان تي لازِم ٿيندو آهي، مثال طور گهر واري، اولاد وغيره، اهي انسان جا عيال چورائيندا آهن۔ حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي بيان ۾ جيڪا حديثِ پاڪ ذِڪر ڪئي آهي، ان ۾ تمام انسانن کي الله پاڪ جو عيال چيو ويو آهي، مطلب اهو آهي ته تمام انسان الله پاڪ جا ٻانها، ان جا محتاج آهن، الله پاڪ سڀني جو رِزق پنهنجي ذمي تي ورتو آهي، الله پاڪ سڀني کي رِزق ڏئي ٿو، سڀني کي پالي ٿو۔ ۽ الله پاڪ جو وڌيڪ پيارو، وڌيڪ محبوب اهو آهي جيڪو الله پاڪ جي عيال (يعني ٻانهن) کي وڌيڪ فائدو پهچائڻ وارو آهي۔ عَلَّامه مناوي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: ماڻهن کي نيڪي جي دعوت ڏيڻ، الله پاڪ جي راھ ڏانهن سڏڻ،


 

 



[1]...فتح الرحمٰن، صفحہ:127۔

[2]...موسُوعہ ابنِ ابی دُنیا، کتاب: قضاء الحوائِج، جلد:4، صفحہ:159، حدیث:24۔