Ghous-e-Pak Ki Naseehatain

Book Name:Ghous-e-Pak Ki Naseehatain

عِلمِ دين سيکارڻ، ماڻهن سان نرمي سان پيش اچڻ، ماڻهن تي رحم ڪرڻ، شفقت ڪرڻ، انهن تي مال خرچ ڪرڻ، مطلب؛ (شريعت جي دائري ۾ رهندي) ديني يا دُنياوي ڪنهن معاملي ۾ ماڻهن سان نيڪي ڪرڻ، اهو سڀ ڪجھ ماڻهن کي نفعو پهچائڻ ۾ شامِل آهي۔([1])

اي عاشقانِ رسول! حُضُور غوثِ پاڪ، شيخ عبد القادِر جيلاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي هن مبارڪ بيان ۽ ذِڪر ڪيل حديثِ پاڪ مان معلوم ٿيو ته ماڻهن جي مدد ڪرڻ، غريبن، مسڪينن، يتيمن سان همدردي ڪرڻ، انهن کي فائدو پهچائڻ الله پاڪ جو محبوب بنائڻ وارو عَمَل آهي۔ الحمدلله! حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه خُود به گھڻي همدردي ڪرڻ وارا، نهايت شفيق ۽ مهربان هئا۔

هڪ پريشان حال غريب جي  دِل جُوئي

اَبُوعبد الله محمد بن خضر حسيني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان روايت آهي ته هڪ ڏينهن سرڪار غوثِ اعظم شيخ عبد القادر جيلاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي نظر هڪ پريشان حال فقير تي پئي، هڪ مسلمان کي ڏُک ۽ غم جي حالت ۾ ڏسي حُضُور غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه بيتاب ٿي ويا ۽ پڇيائون: مَاشَاْنُکَ يعني توکي ڇا ٿيو آهي؟ فقير جواب ۾ عرض ڪيو: حضور! مون کي درياءِ دجله جي هُن پار وڃڻو آهي پر پيسا ناهن، مَلَّاح (يعني ٻيڙي هلائڻ وارو) ڪرائي جي بغير ٻيڙي ۾ ويهارڻ تي راضِي نه آهي۔ ملَّاح جي ان رويي سان منهنجي دِل ٽٽي پئي جيڪڏهن مون وٽ پيسا هجن ها ته مون کي ايئن مايوس نه ٿيڻو پوي ها۔

راوِي چوي ٿو: فقير اڃا پنهنجي ڳالھ پُوري به نه ڪئي هئي جو هڪ شخص بارگاھ غوثيت ۾ حاضِر ٿيو، ان غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خدمت ۾ هڪ ٿيلهي نذراني طور پيش ڪئي، ان ٿيلهي ۾ 30 دينار(يعني سون جا سِڪا) هئا، غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه اهي 30 ئي دينار ان غريب کي ڏيندي فرمايائون: اهي تمام


 

 



[1]...فیض القدیر، جلد:3، صفحہ:674، زیرِ حدیث:4135۔