Ghous-e-Pak Ki Naseehatain

Book Name:Ghous-e-Pak Ki Naseehatain

دينار مَلَّاح کي ڏئي ڇڏيو ۽ چئجانس ته هُو آئنده ڪنهن غريب کي درياء پار کڻي وڃڻ کان انڪار نه ڪري۔([1])

اسیروں کے مشکل کشا غوثِ اعظم         فقیروں کے حاجت روا غوثِ اعظم

گِھرا ہے بلاؤں میں بندہ تمہارا                 مدد کے لئے آؤ یاغوثِ اعظم

غريب راتو رات امير ٿي ويو

غوثِ پاڪ، شيخ عبد القادِر جيلاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي شهزادي شيخ عبد الرزاق رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو بيان آهي: هڪ ڀيري سرڪارِ غوثِ اعظم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه حج جي سفر تي روانو ٿيو، ڪثير تعداد ۾ مُرِيد ۽ خادم پاڻ سان گڏ هئا، رستي ۾ هڪ ڳوٺ آيو، ان جو نالو هو: حِلَّه. غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان ڳوٺ ۾ ترسڻ ۽ اُتي رات گذارڻ جو ارادو ڪيو۔ خادِم کي حڪم ڏنائون ته ان ڳوٺ ۾ سڀ کان پريشان حال ۽ غريب گھر تلاش ڪيو۔ خادِم ڳوٺ ۾ وڃي سڀ کان غريب گھر ڳولڻ لڳو، ڳوليندي ڳوليندي ان جي نظر هڪ گھر تي پئي، ڏٺائين ته اهو هڪ پُراڻو ٽٽل گھر آهي، ان ۾ هڪ پوڙهو، هڪ پوڙهي ۽ اُن جي هڪ ننڍڙي ٻارڙي رهي ٿي، گھر ۾ ڪو سازسامان به نه آهي، نهايت غريب ماڻهو هئا، خادِم واپس اچي حضور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي ان گھر جي باري ۾ خبر ڏني ته پاڻ رات گذارڻ جي لاءِ ان گھر ڏانهن ويا، سڀ کان پهريان پاڻ سلام ڪيائون، پوءِ ان گھر ۾ رات گذارڻ جي اجازت چاهي۔

وہ آئے ہمارے گھر خُدا کی قدرت ہے        کبھی ہم اُن کو، کبھی اپنے گھر کو دیکھتے ہیں

 اُن غريب جي ته ڄڻ قسمت ئي جاڳي پئي، حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پاڻ هلي ان جي گھر آيا، اُن پوڙهي غريب شخص نهايت ادب سان حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي رُڪڻ جي لاءِ پنهنجو گھر حاضِر ڪيو۔ حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه


 

 



[1]... بهجة الاسرار، صفحہ:199۔