Ghous-e-Pak Ki Naseehatain

Book Name:Ghous-e-Pak Ki Naseehatain

پنهنجي خادمن سان گڏ اتي رُڪيا .

 حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪا معمولي شخصيت ته نه هئا، کين وڏو مقام هو، وڏو نالو هو، پري پري تائين شهرت هئي، ”پاڻ حِلَّه ۾ تشريف وٺي آيا آهن اها خبر ڪجھ ئي دير ۾ سڄي ڳوٺ ۾ پکڙجي وئي۔ اُن ڳوٺ جا رهاڪو وڏا وڏا عالم ۽ مشائِخ، وڏا وڏا امير، رئيس بارگاھِ غوثيت ۾ حاضِر ٿيڻ لڳا، سڀني جو اهو ئي مطالبو هو ته عاليجاھ! اهو پراڻو گھر آهي، هن ۾ اوهان کي تڪليف ٿيندي، اسان وٽ تشريف آڻيو، پر پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪنهن جي گذارش قبول نه ڪئي بلڪه انهيءَ غريب وٽ ترسڻ پسند ڪيائون۔ آخر عالمن ۽ بزرگن ۽ امير ۽ رَئيس ماڻهن اتي انهيء گھر ۾ بارگاھِ غوثيت ۾ نذرانا پيش ڪرڻ شروع ڪيا، ڪو ٻڪري پيو آڻي، ڪو مينهن، ڪو سون، ڪو چاندي ۽ ڪو اَنُ، يڪدم ئي ان غريب شخص جي گھر ۾ نذرانن جو ڍير جمع ٿي ويو۔

حُضور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه اهي تمام تحفا تحائف، سڄو مال و دولت ان غريب انسان کي ڏنائون، ان وٽ رات گذاري ۽ سَفر تي روانا ٿي ويا۔

شيخ عبد الرزاق رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: 2 سالن کان پوءِ مون کي ٻيهر ان ڳوٺ ۾ وڃڻ جو اتفاق ٿيو، مون ڏٺو ته اهو ئي غريب پوڙهو شخص جيڪو 2 سال پهريان ڳوٺ جو سڀ کان غريب ماڻهو هو، هاڻي اهو ڳوٺ جو سڀ کان امير شخص بڻجي چڪو هو، ان ٻڌايو ته: منهنجو اهو سڄو مال ۽ دولت حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي انهيء هڪ رات جي عنايت جي برڪت آهي. ([1])

زمانے کے دُکھ درد کی رنج و غم کی            ترے ہاتھ میں ہے دوا غوثِ اعظم

اگر سلطنت کی ہوس ہو فقیرو                   کہو شَیْئًا لِلّٰہ یاغوثِ اعظم


 

 



[1]... بهجة الاسرار، صفحہ:198۔