Ghous-e-Pak Ki Naseehatain

Book Name:Ghous-e-Pak Ki Naseehatain

اي عاشقانِ رسول! اي عاشقانِ صحابه و اهلبيت! اي عاشقانِ اوليا! ڏٺو اوهان حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪيترا غريب نواز، غريبن سان همدردي ڪندڙ، پنهنجي ناني سائين، رحمتِ عالميان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڏکايل اُمّت جو ڪيترو دَرد رکندڙ هئا. يقيناً پاڻ چاهين ها ته ڪنهن امير شخص وٽ رات رهن ها، سندن لاءِ اعليٰ کان اعليٰ رهائش جو انتظام ڪيو وڃي ها پر پاڻ هڪ غريب وٽ رهڻ پسند ڪيائون ۽ سُبحٰنَ الله! شان ڏسو...! شهنشاھِ بغداد حضور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڳوٺ جي سڀ کان غريب شخص جي گھر صِرف هڪ رات گذاري ۽ ان کي ڳوٺ جو سڀ کان امير شخص بڻائي ڇڏيو۔

کِھلا دے جو مرجھائی کلیاں دلوں کی           چلا کوئی ایسی ہوا غوثِ اعظم

   دِکھا دے ذرا مہرِ رُخ کی تجلی            کہ چھائی ہے غم کی گھٹا غوثِ اعظم

اي ڪاش! حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي صدقي اسان کي به غريبن سان همدردي ۽ خير خواهي جو جذبو نصيب ٿئي۔

ڏُکايل ٻڍڙيءَ جي عجيب غمخواري

شهنشاھ بغداد، حُضور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي وڏي مشهور ڪرامت آهي، هڪ ڏينهن پاڻ درياءِ دجله جي ڪناري ويا، ڏٺائون ته: هڪ ٻڍڙي دريا جي ڪناري ويهي زارو قطار رَوئي رهي آهي.  حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه خادِم کي فرمايو: پڇا ڪيو ته ٻڍڙيءَ کي ڪهڙي پريشاني آهي۔ خادِم عرض ڪيو: حُضُور! هن ٻڍڙيءَ جو هڪ ئي پٽ هو، اُن وڏي خوشي سان سندس شادي جو اهتمام ڪيو، ڄڃ دريا جي هُن پار وئي، نِڪاح ڪري گھوٽ پنهنجي ڪنوار وٺي ڄڃ سميت ٻيڙيءَ ذريعي واپس موٽي رهيو هو ته سڄي ٻيڙي ڄڃ سميت درياء ۾ ٻڏي وئي، هن واقعي کي 12 سال گذري چڪا آهن پر ان ٻڍڙي جي دِل ۾ پنهنجي پٽ جو غم اڃا تائين تازو آهي، اها ايئن روزانو اچي روئيندي آهي ۽ مايوس ٿي گھر موٽي ويندي آهي.