Ghous-e-Pak Ki Naseehatain

Book Name:Ghous-e-Pak Ki Naseehatain

ٻڍڙيءَ جو غم سان ڀريل داستان ٻڌي حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي اُن ٻڍڙيءَ تي رحم آيو، پاڻ بارگاھ اِلٰهي ۾ هٿ کنيائون، الله پاڪ جي بارگاھ ۾ خوب ٻاڏائي دُعا گھري: موليٰ! ٻڍڙي جي پٽ جي ٻڏل ڄڃ کي نئين زِندگي عطا فرماءِ۔ الله پاڪ حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي دُعا قبول فرمائي ۽ 12 سال جي ٻڏل ٻيڙي گھوٽ، ڪنوار ۽ ڄڃ سميت درياء تي ظاهر ٿي ۽ ڪجھ ئي گھڙين ۾ ڪناري اچي پهتي۔

تمام ڄاڃي سرڪارِ بغداد، حضور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان دعائون وٺي خوشي خوشي پنهنجي گهر پهتا. ھن ڪرامت کي ٻُڌي بيشمار ڪافرن حضور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي بارگاهه ۾ اچي سندن هٿ مبارڪ تي اسلام قبول ڪيو۔ ([1])

نکالا ہے پہلے تو ڈوبے ہوؤں کو              اور اب ڈوبتوں کو بچا غوثِ اعظم

اي عاشقانِ رسول! ڪيتري وڏي ڪرامت آهي، يقيناً هن کي پڙھي يا ٻڌي ڪري زبان مان پاڻهي سُبحٰنَ الله! نڪرندو آهي، نڪرڻ به گھرجي، آخر حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ڪرامت آهي پر ٿورو غور ڪيو! حُضُور غوثِ پاڪ  رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه اها ڪرامت ڏيکاري ڇو؟ 12 سال جي ٻُڏل ٻيڙي ٻيهر ڇو ڪڍي؟ هڪ ٻڍڙيء جي اکين مان نڪرڻ وارا  لڙڪ روڪڻ لاءِ ان سان همدردي ڪرڻ جي لاءِ۔

اي قادريو! اي غوثِ پاڪ جي محبت جي دعويٰ ڪرڻ وارؤ! اي عاشقانِ اولياء! ايئن دُعا ڪري الله پاڪ کان پنهنجي ڳالھ مڃائڻ، 12 سالن جي ٻڏل ٻيڙي ڪڍڻ يقيناً حضور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ئي جو شان آهي پر غور ته ڪيو! جيڪڏهن حضور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ ٻڍڙيءَ جي اکين مان نڪرندڙ ڳوڙهن جي سبب 12 سال جي ٻُڏل ٻيڙي ڪڍي سگھن ٿا ته ڇا اسان قادري سڏرائيندڙ، غوثِ پاڪ ۽ ٻين اوليائن جي محبت جي دعويٰ ڪندڙ غريبن جي مدد جي لاءِ کيسي مان ڪجھ روپيا نٿا ڪڍي سگھون؟ ڇا اسان غريبن سان


 

 



[1]...مُنّے کی لاش، صفحہ:7 خُلاصۃً۔