Ghous-e-Pak Ki Naseehatain

Book Name:Ghous-e-Pak Ki Naseehatain

سان گُنَاھ بخشرائي سگھون ٿا، مثال طور صبح جو فجر جي نماز باجماعت ادا ڪيون، مٿو جھڪائي، اکيون بَند ڪيون ۽ سبزسبز گنبد جو تَصَوُّر ڪري ٽي ڀيرا درودِ پاڪ پڙھي وٺون، اهڙي طرح رات جو سمهڻ مهل چاهي بستر ئي تي ڪعبي ڏانهن منهن ڪري، مٿو جھڪائي اکيون بند ڪيون ۽ پياري پياري گنبدِ خضراء جو تَصَوُّر ڪري ٽي ڀيرا دُرودِ پاڪ پڙھي وٺون، اِن شَآءَ الله الکرِيم! ان ڏينهن ۽ ان رات جا گُنَاھ مُعَاف ٿي ويندا، خيال رهي! ڪبيره گُنَاھ سچّي توبه سان مُعَاف ٿيندا آهن، ايئن قضا نمازون، قضا روزا، ماڻهن جا مالِي، جسماني حق جيڪڏهن ذِمّي هجن ته انهن جي ادائيگي پڻ لازمي آهي۔

وہ تَو نہایت سستا سودا، بیچ رہے ہیں جنّت کا       ہم مفلس کیا مول چکائیں، اپنا ہاتھ ہی خالی ہے([1])

 

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون    

 حديثِ پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیّات عملن جو دارومدار نيتن تي آهي. ([2])

پيارا اسلامي ڀائرو! چڱي نيت جنت ۾ پهچائي ڇڏيندي آهي، بيان ٻڌڻ کان پهريان به سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺو! مثال طور نيت ڪريو! * رضاءِ الٰهي جي لاءِ بيان ٻڌندس * علمِ دين سکندس * پورو بيان ٻڌندس * ادب سان ويهندس * نصيحت حاصل ڪندس* احمدِمجتبي، محمد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو نالو مبارڪ ٻڌي ڪري درودِ پاڪ پڙهندس.

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

                   سيپاري: 21، سوره لقمان، آيت:15 ۾ الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:


 

 



[1]...حدائقِ بخشش، صفحہ:186۔

[2]... بخاری، کِتَاب:بَدءُ الْوَحی، صفحہ:65، حدیث:1۔