Ghous-e-Pak Ki Naseehatain

Book Name:Ghous-e-Pak Ki Naseehatain

پنهنجي وات جو گرھ نٿا ونڊي سگھون؟ ڇا اسان بکايلن کي کاڌو نٿا کارائي سگھون؟ ڇا اسان يتيمن جي مٿي تي هٿ به نٿا رکي سگھون؟ ڇا اسان غريبن سان مُرڪي ڳالھائي به نٿا سگھون؟ اُنهن جي عزّتِ نفس جو خيال نٿا رکي سگھون؟ ڇا اسان غريبن لاءِ دُعا به نٿا ڪري سگھون؟ ڪري سگھون ٿا، يقيناً ڪري سگھون ٿا پر افسوس! اسان ايئن نٿا ڪيون، افسوس! اَڄ اسان جي معاشري ۾ غريب بُک سبب تڙپندا رهن ٿا، ڪو انهن جو مددگار ناهي ٿيندو، ڪڏهن ماءُ پيءُ غربت سبب تنگ اچي ٻارن جو گلو دٻائي ڇڏين ٿا، پوءِ خود ڪشي ڪري ڇڏين ٿا پر اسان جي عيش ۽ عشرت ۾ ڪمي نٿي اچي، نفلي صدقو ۽ خيرات ته ڇا ڪرڻو هو، جن تي زڪوٰة فرض ٿئي ٿي اهي پُوري زڪوٰة به نٿا ڪڍن۔ مُعَاشري ۾ غُربت، مفلسي تنگدستي، غم، ڏُک، پريشانيون وڌي رهيون آهن ۽ ٻي طرف همدردي، خير خواهي، غمخواري ۽ سخاوت جا جذبا به گھٽ کان گھٽ ٿيندا پيا وڃن۔ ٿورو غور ڪيو! اسان جا اَسلاف، بزرگانِ دِين هڪ ڏکايل جي اکين جي لڙڪن تي ترس کائي ڪهڙيون ڪهڙيون ڪرامتون ڏيکاريندا هئا ۽ اسان سيلفي ٺاهي، ويڊيو ٺاهي ويچاري غريب جي غُربت جو چرچو ڪندا آهيون۔ اهڙا دل ڏکائيندڙ واقعا به ڏسڻ لاءِ ملندا هوندا جو ڪنهن غريب جي مالي مدد ڪرڻ وارو، ڪو راشن ڏيڻ وارو، کائڻ پيئڻ جون شيون ڏيڻ وارو هڪ ئي شخص هوندو آهي پر اٺ، ڏھ (8-10) ماڻهو ان سان ملي تصويرون ٺهرائي رهيا هوندا آهن، سوشل ميڊيا تي ڏيکاري رهيا هوندا آهن ته ڄڻ انهن سڀني ان غريب جي مدد ڪئي آهي، غور ڪيو! اهڙن موقعن تي اُن غريب تي ڇا گذرندي هوندي...؟

گنوا دی ہم نے جو اسلاف سے میراث پائی تھی                     ثُریا سے زمین پر آسماں نے ہم کو دے مارا

جڏهن اسان جو اِهو حال آهي، اسان پنهنجي بزرگن جي سيرتن جي بلڪل اُبتڙ هلي رهيا آهيون، انهن جي ٻڌايل طريقن کان گھڻو پري آهيون، تنهنڪري اسان جي معاشري جو حال به ڏسي وٺو! اڄ ماڻهو سڪون جي تلاش ۾ دَر دَر رُلي