Ghous-e-Pak Ki Naseehatain

Book Name:Ghous-e-Pak Ki Naseehatain

رهيا آهن، معاشري ۾ بي چيني وڌندي پئي وڃي، هڪ عجيب ڪشمڪش آهي، تنگدستي آهي، گھرن جا سڪون برباد آهن، پريشانيون، جھيڙا جھٽا، مارڪُٽ، بي روزگاري، قتل ۽ غارت گري، اغواء، بي حيائي اسان جي معاشري ۾ ڇا ڪجھ نه پيو ٿئي، ڪيتريون پريشانيون آهن، جن ۾ اڄ اسان وڪوڙيل آهيون، هڪ بظاهر خوش انسان کي پاڻ وٽ ويهاري ٿورو احوال وٺو! اندران ٽٽل، غم، ڏک درد سان ڀريل ملندو...! سڄي دُنيا تي نگاھ وجھو! مسلمان پسجي رهيا آهن، مسلمانن تي ظُلم ٿي رهيو آهي، ٻيون قومون مسلمانن کي دٻائي رهيون آهن. آخر ائين ڇو آهي؟

 

گنوا دی ہم نے جو اسلاف سے میراث پائی تھی           ثُریا سے زمین پر آسماں نے ہم کو دے مارا

اي عاشقانِ رسول! اسان کي سمجھڻو پوندو، اسان کي پاڻ کي بدلڻو پوندو...!

دوڑ پیچھے کی طرف اے گردشِ ایام تُو

يقين مڃيو! اسان کي واپَس موٽڻو پوندو، پنهنجي اسلاف جي پاڪيزه ڪردار مان رهنمائي وٺڻي ئي پوندي، پنهنجي بزرگن جي طرزِ زِندگي مان روشني وٺي مُعَاشري مان اونداهيون پري ڪرڻيون پونديون، انهيء ۾ اسان جي ڀلائي آهي، جيڪڏهن اسان پنهنجي بزرگن جي سيرت مان روشني نه ورتي، غير مسلمن جي طريقن تي ئي هلندا رهياسين ته ياد رکو!

نہ سمجھو گے تو مٹ جاؤ گے اے جہاں والو                     تمہاری داستاں تک نہ ہو گی داستانوں میں

سوشل ويلفئير ۽  دعوتِ اسلامي

 الحمد لله! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي ماڻهن کي ديني ڳالهيون ٻڌائي، نماز سيکاري، روزي، حج ۽ زڪوٰة جا احڪام سيکاري، سُنتن جو پيڪر بڻائي، نيڪي جي دعوت ڏئي، نيڪ نمازي بڻائي ڪري همدردي ڪري