Ghous-e-Pak Ki Naseehatain

Book Name:Ghous-e-Pak Ki Naseehatain

ئي رهي آهي، ان سان گڏوگڏ دعوتِ اسلامي جو هڪ ڊپارٽمنٽ آهي: FGRF۔ هن ڊپارٽمنٽ جو بنيادي مقصد آهي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي ڏکايل اُمّت سان همدردي ڪرڻ، غمخواري ڪرڻ، ڪا اچانڪ مصيبت مثال طور خدانخواسته زلزلو اچي، سيلاب اچي ته يڪدم امدادي ڪارواين ۾ حِصو وٺڻ آهي۔

اي عاشقانِ غوثِ اعظم! اوهان کي اهو ٻڌي خوشي ٿيندي ته الحمدلله! دعوتِ اسلامي جي ڊپارٽمنٽ  FGRFتحت _...سيپٽمبر 2021 ۾ تقريباً 39 هزار افراد ۾ تيار کاڌو ورهايو ويو _... ڪورنگي ابراهيم حيدري (ڪراچي) ۾ غريبن _... سُرجاني (ڪراچي) ۾ برسات سان متاثر ٿيندڙ تقريباً 350 گھرن ۾ راشن ۽ کاڌو ورهايو ويو _... 20 نيو مسلم (New Muslims) گھرن ۾ راشن ورهايو ويو _... سڄي ملڪ ۾ هينئر تائين تقريباً 992 کان وڌيڪ کوھ، سولر پمپ لڳايا ويا آهن _... ٿيليسيميا ۽ ٻين بيمارين ۾ مبتلا ماڻهن جي مدد لاءِ هن وقت تائين تقريباً 48 هزار 60 رت جون بوتلون (Blood Bags) مختلف ادارن کي فراهم ڪيون ويون آهن _...جُزوي معذور ٻارن جي بحالي جي لاءِ الحمدلله Faizan Rehabilitation Center (F.R.C) جو قيام ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ تقريباً 2000 کان وڌيڪ جي رجسٽريشن ڪئي وئي آهي۔

اهڙي طرح دعوتِ اسلامي جو هڪ شعبو ”روحاني عِلاج“ به آهي۔ هن شعبي تحت ڏکايل، پريشان حال، تنگدست، بيمار ماڻهن جي لاءِ في سبيل الله روحاني عِلاج ڪيو ويندو آهي۔ اوهان به دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو، اُمَّت جي خيرخواهي جي، همدردي ۽ رحم دِلي جي هن ديني ڪم ۾ دعوتِ اسلامي جو ساٿ ڏيو۔ الله پاڪ اسان سڀني کي عمل جي توفيق عطا فرمائي۔ آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّیْن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ۔

ہو مرا کام غریبوں کی حمایت کرنا               درد مندوں سے، ضعیفوں سے محبت کرنا

دُور دُنیا کا مرے دم سے اندھیرا ہو جائے   ہر جگہ میرے چمکنے سے اجالا ہو جائے