Ghous-e-Pak Ki Naseehatain

Book Name:Ghous-e-Pak Ki Naseehatain

میرے اللہ! برائی سے بچانا مجھ کر             نیک جو راہ ہو اس راہ پہ چلانا مجھ کو

 صَلُّوا عَلَي الحَبيب!          صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

 (نصيحت:3): زِندگي کي غنيمت سمجھو...!

10 شوال المڪرم، 545 هجري، آچر جو ڏينهن هو، صبح جي وقت حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي مدرسي ۾ بيان فرمايو ۽ ان بيان جي شروعات پاڻ هڪ حديثِ پاڪ سان ڪئي، فرمايائون:

الله پاڪ جي نبي، رسولِ هاشِمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان آهي: مَنْ فُتِحَ لَہٗ بَابٌ مِّنْ خَیْرٍ جنهن جي لاءِ ڀلائي جو دروازو کوليو وڃي، فَلْیَنْتَہِزْہُ ته ان کي گھرجي ته جلدي ڀلائي جي ان دروازي ۾ داخِل ٿي وڃي  فَاِنَّہٗ لَا یَدْرِیْ مَتیٰ یُغْلَقُ عَلَیْہِ ڇو ته  هُو نٿو ڄاڻي ته اهو دروازو ان جي لاءِ ڪڏهن بند ڪيو ويندو۔([1])

اها حديثِ پاڪ بيان ڪرڻ کان بعد حُضُور غوثِ پاڪ، شيخ عبد القادِر جيلاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جن فرمايو: اي انسانو...! جلدي ڪيو...! جيستائين زِندگي جو دروازو کليل آهي، پنهنجي ساهن کي غنيمت سمجھو، عنقريب اهو دروازو بند ڪيو ويندو۔ جيستائين توهان ۾ طاقت ۽ همت آهي، نيڪ عملن کي غنيمت سمجھو! جيستائين توبه جو دروازو کليل آهي، هن کي غنيمت سمجھو! دُعا جو دروازو کليل آهي، دُعا گھرڻ کي غنيمت سمجھو! نيڪ ماڻهن جي صحبت ۾ ويهڻ جو دروازو کليل آهي، ان کي غنيمت سمجھو!

اي انسانو! توهان جيڪو نقصان ڪري ورتو، ان کي پُورو ڪيو! جيڪا (گناهن جي نجاست) دامن تي لڳائي ويٺا آهيو، ان کي ڌوئي ڇڏيو! جيڪي


 

 



[1]...زُہد لابن مبارک،صفحہ:76، حدیث:117 ۔