Ghous-e-Pak Ki Naseehatain

Book Name:Ghous-e-Pak Ki Naseehatain

بُرائيون ڪيون آهن، انهن کي ٺيڪ ڪيو...! دِل تي جيڪا گُنَاهن جي ڪاراڻ چاڙھي ويٺا آهيو، ان کي صاف ڪيو! جيڪو توهان (ناحق) ورتو آهي، واپس موٽائي ڏيو! پنهنجي مالِڪ و موليٰ (يعني پياري رَبِّ ڪريم) جي نافرماني کان باز اچو...! الله ڪريم جي دروازي تي حاضِر ٿيو...! هتي ٻيو ڪوبه نه آهي، صِرف الله خالِق و مالِڪ آهي، جيڪڏهن توهان ان جي دَر تي حاضِر ٿيو ته ان جا ٻانها آهيو، جيڪڏهن توهان مخلوق ڏانهن متوجھ آهيو (مثال طور مال ۽ دولت ڪمائڻ ۾ رُڌل آهيو ۽ ان سبب الله پاڪ جي دَر تي حاضِري نٿا ڏيو، الله پاڪ کي وساري ويٺا آهيو ته توهان الله پاڪ جي بندگي نه پيا ڪيو بلڪه) مخلوق جا ٻانها بڻيل آهيو۔

اي انسان! سُستي نه ڪر...! ڇاڪاڻ ته سستي هميشه جي محرومي ۽ شرمندگي جو سبب آهي۔ پنهنجا عمل موچارا ڪر...! الله پاڪ دُنيا ۽ آخرت ۾ تو تي انعام فرمائيندو۔

حُضُور غوثِ پاڪ، شيخ عبد القادِر جيلاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجو بيان جاري رکندي وڌيڪ فرمايو: قيامت جي ڏينهن انسان پنهنجي دُنيا ۾ ڪيل چڱن بُرن عملن کي ياد ڪندو پر ان وقت شرمندگي ڪو فائدو نه ڏيندي، فائدو ته هن ۾ آهي ته موت کان پهريان قيامت کي ياد ڪيو...! جڏهن ماڻهو ميوا پٽي رهيا هجن، ان ڏينهن ٻج پوکڻ واري وقت کي ياد ڪرڻ ڪو فائدو ناهي ڏيندو۔

حديثِ پاڪ ۾ آهي: دُنيا آخرت جي پوک آهي، جيڪو هتي ڀلائي جو ٻج پوکيندو، قيامت جي ڏينهن خوشي خوشي ميوو حاصِل ڪندو ۽ جيڪو دُنيا ۾ بُرائي جو ٻج پوکيندو، قيامت جي ڏينهن شرمسار ٿيندو۔ غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه وڌيڪ فرمايو: (انسانو!) جڏهن توهان کي موت ايندو، توهان خوابِ غفلت کان بيدار ٿي ويندؤ پر ان وقت بيدار ٿيڻ جو ڪو فائدو نه آهي۔ اي انسانو! بُرن ماڻهن جي صحبت توهان کي نيڪ ماڻهن کان بدگمان ڪري ڇڏيو آهي۔ الله پاڪ جي ڪتاب ۽ سُنّتِ مصطفيٰ جي روشني ۾ زِندگي گذاريو! ڪاميابي توهان