Ghous-e-Pak Ki Naseehatain

Book Name:Ghous-e-Pak Ki Naseehatain

جا قدم چمندي۔ الله پاڪ کان اهڙو حياء ڪيو، جهڙو ان کان حياء ڪرڻ جو حق آهي۔ غفلت ۾ پنهنجو وقت ضايع نه ڪيو...! توهان اهو مال گڏ ڪرڻ ۾ مصروف آهيو، جيڪو توهان کي استعمال ئي ناهي ڪرڻو، اهي خواب سجايو ٿا، جن تائين پهچي نه سگھندؤ، اهي عمارتون ٺاهيو ٿا جن ۾ توهان کي (هميشه) ناهي رهڻو ۽ انهن سڀني ڳالھين توهان کي الله پاڪ جي حُضُور حاضِر ٿيڻ کان غافِل ڪري ڇڏيو آهي۔

 غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي بيان جو سلسلو مزيد اڳتي وڌائيندي فرمايو: هن ۾ ڪو شڪ ناهي ته سڄي ڀلائي الله پاڪ وٽ آهي ۽ سموري برائي غَيرُ الله (يعني الله پاڪ جي دشمنن) وٽ آهي۔ ڀلائي انهيء ۾ آهي ته الله پاڪ جي بارگاھ ۾ حاضِر ٿي وڃو...! الله پاڪ جي عزت واري در کان پري ڀڄڻ ۾ صِرف بُرائي آهي۔

اي انسانو! توهان تي لازم آهي ته (1): موت کي ياد ڪيو! (2):مصيبت تي صبر ڪيو! (3): ۽ هر حال ۾ الله پاڪ تي ڀروسو رکو...! جڏهن اهي ٽئي وصفون توهان ۾ چڱي طرح پيدا ٿي وينديون ته توهان کي موت هن حالت ۾ ايندو جو موت کي ياد ڪرڻ سبب توهان زاهد بڻجي چڪا هوندا، صبر جي ذريعي توهان الله پاڪ جي بارگاھ مان دل گھريو انعام ماڻيندؤ ته تَوَڪل جي ذريعي الله پاڪ سان توهان جو تعلق مضبوط ٿي ويندو۔

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                                           صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

:دِين کي نقصان پهچائيندڙ چار ڳالهيون

12 شوال المڪرم، 545 هجري تي شام جي وقت حُضور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي مدرسي ۾ بيان ڪندي فرمايو: توهان جي دِين جو نقصان چار ڳالھين ۾ آهي:

(1): توهان پنهنجي عِلم تي عمل نٿا ڪيو (2): جيڪو نٿا ڄاڻو اهو ڪيو ٿا