Ghous-e-Pak Ki Naseehatain

Book Name:Ghous-e-Pak Ki Naseehatain

(مثال طور جهالت جي سبب گُنَاهن کي نيڪي سمجھي رهيا هوندا آهيو ۽ نيڪي کي گُنَاھ سمجھي رهيا هوندا آهيو) (3): جيڪو توهان نٿا ڄاڻو، ان کي سکڻ جي ڪوشش نٿا ڪيو، لهٰذا بي عِلم رِهجي وڃو ٿا (4): ماڻهن جي لاءِ عِلمِ دين جي راھ ۾ رڪاوٽ بڻجو ٿا۔

اي انسانو! توهان جو اهو حال آهي جو عِلم جي، ذِڪر ۽ فِڪر جي محفل ۾ ڪڏهن ڪڏهن ويندا آهيو، استقامت سان نٿا وڃو ۽ جڏهن بيان ڪرڻ واري جو بيان ٻڌو ٿا ته ان مان نصيحت حاصل نٿا ڪيو بلڪ ان جون غلطيون ڪڍو ٿا، ان تي کلو ٿا، مذاق اُڏايو ٿا۔ هن ڳالھ کان توبه ڪيو! الله پاڪ جي دُشمنن جهڙا نه ٿيو! جيڪو ٻڌو ٿا، ان مان نصيحت حاصِل ڪيو! توهان تي لازِم آهي ته نيڪي ڪيو ۽ اِخلاص سان ڪيو۔ الله پاڪ فرمائي ٿو:

وَ مَا خَلَقْتُ الْجِنَّ وَ الْاِنْسَ اِلَّا لِیَعْبُدُوْنِ(۵۶)  (پاره:27، سورۂ ذاريات:56)     

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ مون جنّ ۽ انسان اِن لاءِ پيدا ڪيا  ته منهنجي عبادت ڪن.

اها آيت تِلاوت ڪري حُضُور غوثِ پاڪ، شيخ عبد القادِر جيلاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جن فرمايو: الله پاڪ جنّن ۽ انسانن کي نفساني خواهشن جي لاءِ ناهي بڻايو، راند روند جي لاءِ ناهي پيدا ڪيو، رڳو کائڻ، پيئڻ ۽ سمهڻ جي لاءِ ناهي پيدا ڪيو ۔ اي غافلؤ...! پنهنجي غفلت جي ننڊ مان جاڳي وڃو...! توهان اهڙي غفلت ۾ آهيو ڄڻ توهان کي مرڻو ئي ناهي، ڄڻ توهان کي قيامت جي ڏينهن اُٿاريو نه ويندو، ڄڻ الله پاڪ جي بارگاھ ۾ توهان جو حِسَاب نه ورتو ويندو، ڄڻ توهان کي پُل صراط تان گذرڻو ناھي؟ اهو آهي توهان جو حال...! ۽ توهان مسلمان هئڻ جي دعويٰ ڪيو ٿا...!

(ياد رکو!) هي قرآنِ ڪريم آهي، جيڪڏهن توهان ان تي عمل نه ڪيو ته قيامت جي ڏينهن اهو توهان جي خِلاف دليل ٿيندو۔

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!           صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد