Ghous-e-Pak Ki Naseehatain

Book Name:Ghous-e-Pak Ki Naseehatain

اي عاشقانِ رسول! حُضور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جون ڪيتريون عبرتناڪ ۽ غفلت مان بيدار ڪرڻ واريون نصيحتون آهن، حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه اسان جا پِير آهن، پيرانِ پير آهن، ڪاش! اسان اوهان جي هنن نصيحتن تي عمل ڪرڻ وارا بڻجي وڃون۔ آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّیْن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ۔

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: 72 نيڪ اعمال

پيارا اسلامي ڀائرو! اسلام جي تعليمات سکڻ، ان تي عمل جو جذبو پيدا ڪرڻ، نيڪين تي استقامت ۽ مرڻ کان پهريان موت جي تياري جو ذهن بڻائڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو! ۽ 12 ديني ڪمن ۾ خوب وڌ کان وڌ حِصو وٺو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! هن جي برڪت سان دين ۽ دُنيا جون بيشمار ڀلائيون نصيب ٿينديون۔ ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم آهي: 72 نيڪ اعمال۔

”72 نيڪ اعمال“ عاشِقِ غوثِ پاڪ، امير اهلسنت مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه جو عطا ڪيل نيڪ بڻجڻ جو بهترين نسخو آهي، الحمد لله! پابندي سان 72 نيڪ اعمال جو رسالو ڀرڻ سان نيڪيون ڪرڻ، گُنَاهن کان بچڻ جو ذِهن بڻجندو ۽ ڪردار ۾ نمايان تبديلي ايندي آهي۔

نيڪ بڻجڻ جو زبردست فارمولو

ڪراچي (پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خُلاصو آهي: اسان جي علائقي جي مسجد جو امام صاحب جيڪو دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته آهي، ان هڪ ڏينهن منهنجي وڏي ڀاء کي 72 نيڪ اعمال جو رسالو تحفي ۾ ڏنو، ڀاءُ گھر اچي اهو رسالو پڙهيائين ته حيران رهجي ويو ته هن مختصر رسالي ۾ هڪ مسلمان کي اسلامي زندگي گذارڻ جو ايترو زبردست