Ghous-e-Pak Ki Naseehatain

Book Name:Ghous-e-Pak Ki Naseehatain

فارمولو ڏنو ويو آهي، بس ان 72 نيڪ اعمال جي رسالي ان جي زندگي ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو ان جي برڪت سان الحمد الله ان کي نماز جو جذبو مليو ۽ باجماعت نماز جي ادائيگي جي لاءِ مسجد ۾ حاضِر ٿي ويو ۽ هاڻي 5 وقت جو نمازي بڻجي ويو آهي، ڏاڙهي مبارڪ به سجائي ورتي ۽ 72 نيڪ اعمال جو رسالو به ڀرينديو آهي۔([1])

مدنی انعامات کے عامِل پہ ہر دَم، ہر گھڑی                  یاالٰہی! خوب برسا رَحْمتوں کی تُو جھڑی

    نوٽ: دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول ۾ ”نيڪ اعمال“ کي پهريان ”مدني انعامات“ چيو ويندو هو۔

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                           صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

اَلقُرآن مَعَ تفسِير ايپلي ڪيشن

پيارا اسلامي ڀائرو! دعوتِ اسلامي جي I.T ڊپارٽمنٽ طرفان هڪ زبردست موبائل ايپلي ڪيشن جاري ڪئي وئي آهي: Quran with Tafseer (اَلقُرآن مَعَ تفسِير) ايپلي ڪيشن۔ هن ايپلي ڪيشن ۾ قرآن ڪريم، ترجمو ڪنزالايمان، ترجمو ڪنز العرفان ۽ تفسير صراط الجنان شامِل آهي، پنهنجي موبائل ۾ اها ايپلي ڪيشن انسٽال ڪيو، قرآنِ ڪريم پڙھو، ترجمو پڙھو، تفسير پڙھي قرآنِ ڪريم سمجھو، ان جون برڪتون ماڻيو ۽ ٻين کي پڻ ترغيب ڏياريو۔

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!           صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سَعَادت حاصِل ڪيان ٿو۔ تاجدارِ رسالت، شهنشاھ نبوت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: مَن تَمَسَّكَ بِسُنَّتِي عِندَ فَسَادِ اُمَّتِي فَلَهُ اَجرُ مِائَةَ شَهِيدٍ يعني اُمت جي فساد جي وقت جيڪو شخص منهنجي سنت تي مضبوطي سان عمل


 

 



[1]...جنت کے طلب گاروں کے لئے مدنی گلدستہ، صفحہ:14۔