Ghous-e-Pak Ki Naseehatain

Book Name:Ghous-e-Pak Ki Naseehatain

ڪندو ان کي سو شهيدن جو ثواب عطا ٿيندو۔([1])

ہر کام شریعت کے مطابِق میں کروں کاش!                              یارب تو مبلغ مجھے سُنّت کا بنا دے([2])

 صَلُّوا عَلَي الحَبيب!          صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

هلڻ جون سنتون ۽ آداب

فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: هڪ شخص ٻه چادرون پائي تڪَبُّر سان هلي رهيو هو ۽ غرور ۾ هو اهو زمين ۾ دٻايو ويو ۽ اهو قيامت تائين زمين ۾ دٻايو ئي ويندو۔([3])

هلڻ جون 2 سنتون: (1):سرورِ ڪائنات، فخرِ موجودات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪڏهن ته پاڻ سان گڏ هلندڙ ڪنهن صحابي رَضِىَ اللّٰهُ عَنه جو هٿ پنهنجي مبارڪ هٿ سان پڪڙي وٺندا هئا. ([4]) (3):رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هلندا هئا ته ٿورو اڳيان واري پاسي جهڪي هلندا هئا ڄڻ ته پاڻ مٿانهون کان هيٺ پيا لهن۔([5])

هلڻ جا 6 آداب: (1): رستي تي هلندي پريشان نظري (يعني بلاضرورت هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ) سنت ناهي (2): ڳچي ۾ سون يا ڪنهن به ڌاتو (Metal) جي چين پائي، ماڻهن کي ڏيکارڻ جي لاءِ گلو کولي آڪڙجي هرگز نه هلو ڇوته  احمقن ۽ مغرورن ۽ فاسقن جي چال آهي۔ ڳچي ۾ سون جي چين يا هٿ ۾ ڪڙو (Bracelet) پائڻ مرد جي لاءِ حرام آهي ۽ ٻين ڌاتون (Metals) جي به ناجائز آهي (3): جيڪڏهن ڪا رڪاوٽ نه هجي ته رستي جي ڪناري ڪناري وچٿري چال هلو، نه ايترو تيز جو ماڻهن جون نگاهون اوهان ڏانهن اٿن ته تڪڙو تڪڙو ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي! نه ايترو آهستي جو ڏسڻ واري کي اوهان بيمار لڳو (4): ڪنهن جي


 

 



[1]...زُہد کبیر، صفحہ:118، حدیث207۔

[2]...وسائل بخشش، صفحہ:115۔

[3]...مسلم، صفحہ:1156، حدیث:2088۔

[4]...معجم کبیر، جلد:7، صفحہ:277، حدیث:7132۔

[5]...شمائِلِ محمدیہ للترمذی، صفحہ:87، رقم:118۔