Ghous-e-Pak Ki Naseehatain

Book Name:Ghous-e-Pak Ki Naseehatain

وَّ اتَّبِـعْ سَبِیْلَ مَنْ اَنَابَ اِلَیَّۚ-                              

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ منهنجي طرف رجوع ڪرڻ واري انسان جي رستي تي هل.

پيارا اسلامي ڀائرو! هن آيت سڳوري ۾ اسان کي اُنهن جي واٽ تي هلڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، جيڪي الله پاڪ جي طرف رجُوع ڪرڻ يعني الله پاڪ جي ڪمال فرمانبرداري ڪرڻ وارا آهن۔

 * يقيناً هن دُنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ الله پاڪ جي طرف رُجُوع ڪرڻ واري هستي اسان جا آقا ۽ موليٰ، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهن * پوءِ رحمت عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي واسطي سان صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضوَان به الله پاڪ جي طرف رُجُوع ڪرڻ وارا آهن * ولي سڳورا رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡهم به الله پاڪ جي طرف رُجُوع ڪرڻ وارا آهن * امامِ اعظم امام ابوحنيفه رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه به الله پاڪ جي طرف رُجُوع ڪرڻ وارا آهن * داتا حُضُور * خواجه معين الدين اجميري * بابا فريد * اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡهم مطلب ته؛ تمام اولياءِ ڪرام ئي الحمد لله! الله پاڪ جي طرف رُجُوع ڪرڻ وارا آهن۔

”هاڻي آيتِ ڪريمه جو مطلب هيئن ٿيندو: * اي انسانو! اسان جي محبوب، رسولِ مقبول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي واٽ تي هلو! * صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضوَان جي راھ تي هلو...! * عاشقانِ رسول عالمن جي واٽ تي هلو! * اَولياءِ ڪرام جي راھ تي هلو...!“ ([1])

ڇو؟ ان ڪري جو اهي ئي ماڻهو حق جي راھ تي آهن، اهي ئي ماڻهو جنّت جي راھ تي آهن، اهي ئي ماڻهو الله پاڪ جي راھ تي آهن، اهي ئي صراطِ مستقيم (يعني سڌي واٽ) تي آهن، لهٰذا جڏهن اسان انهن جي پاڪيزه سيرتن مان


 

 



[1]...تفسیر قرطبی، پارہ:21، سورۂ لقمان، زیرِ آیت:15، جلد:7، صفحہ:42 ماخُوذًا۔