Ghous-e-Pak Ki Naseehatain

Book Name:Ghous-e-Pak Ki Naseehatain

روشني حاصِل ڪري، انهن جا فرمان پڙھي، سمجھي، انهن تي عمل ڪري انهن پاڪيزه هستين جي راھ تي هلنداسين ته انهن جي صدقي اسان به سڌي راھ جا مُسَافِر بڻجي وينداسين ۽ اِن شَآءَ الله الکرِيم! انهن جي سيرت تي هلندي هلندي آخرڪار جنّت ۾ پهچي وينداسين۔

اللہ اللہ کئے جانے سے اللہ نہ ملے            اللہ والے ہیں جو اللہ سے ملا دیتے ہیں

صَلُّوا عَلَی الْحَبیب!                                                 صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

 اي عاشقانِ رسول! الحمد لله! ربيع الآخر جو مهينو شروع ٿي چڪو آهي، هن مبارڪ مهيني ۾ پيرانِ پير، پير دستگير، روشن ضمير، سرڪارِ غوثِ اعظم، حضرت شيخ عبد القادر جيلاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي وڏي يارهين شريف خوب جوش ۽ جذبي سان ملهائي ويندي آهي۔ يقيناً شهنشاھ بغداد، سرڪار غوثِ اعظم شيخ عبد القادر جيلاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه به الله پاڪ جي طرف گھڻا رجوع ڪرڻ وارا، نيڪ عمل ڪرڻ وارا، الله پاڪ ۽ ان جي پياري حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڪمال فرمانبرداري ڪرڻ وارا آهن۔ لهٰذا هينئر اسان جيڪا آيت سڳوري ٻُڌي، ان آيت ۾ ڏنل حڪم تي عمَل ڪرڻ جي نيت سان اڄ اسان سرڪارِ غوثِ اعظم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي سيرتِ پاڪ جا ڪجھ گوشا ۽ سندن ڪجھ نصيحتون ٻڌڻ جي سعادت حاصِل ڪنداسين۔ الله پاڪ اسان کي شهنشاھ بغداد حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه سان دِل جي گهرائين سان محبت جو اظهار ڪرڻ، سندن سيرتِ پاڪ مان روشني حاصِل ڪرڻ ۽ کين تعليمات تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔       آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّیْن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ۔

مرتبہ یُوں ترا خالِق نے بڑھایا یَاغوث!             اولیا کا تجھے سلطان بنایا یَاغوث!

میں نکما تو کسی کام کے قابِل ہی نہ تھا               مجھ سے بےکار کو تم نے ہی نبھایا یَاغوث!

 صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد