Ghous-e-Pak Ki Naseehatain

Book Name:Ghous-e-Pak Ki Naseehatain

غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو مختصر تَعَارُف

شهنشاھ بغداد، حضور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه الحمدلله! مشهور ۽ معروف بزرگ آهن، الحمد لله! عاشقانِ رسول جو هڪ تعداد اهڙو به آهي جيڪي پنهنجي اَولاد کي ننڍپڻ کان ئي غوثِ پاڪ جي محبت سيکارين ٿا * حضور غوثِ اعظم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو نالو: عبد القادِر ۽ ڪنيت: ابو محمد آهي * مُحي الدِّين (يعني دِين کي زِنده ڪرڻ وارا) ۽ غَوثُ الثَّقَلين (يعني جنّن ۽ انسانن جا غوث، مددگار) سندن مشهور لقب آهن۔

تُو ہے وہ غَوْث کہ ہر غوث ہے شیدا تیرا             تُو ہے وہ غَیْث کہ ہر غیث ہے پیاسا تیرا

وضاحت: يعني اي اسان جا پيارا غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه! اوهان اهي غوث آهيو جو هر غوث اوهان جو عاشِق آهي، اوهان برسات جا اهي ناياب پاڻي آهيو جو پاڻ برسات به ان جي اُڃاري آهي۔

* حضور غوثِ پاڪ، شيخ عبد القادر جيلاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه 470 هجري تي جيلان ۾ پيدا ٿيا * پاڻ 91 سال هن دُنيا ۾ تشريف فرما رهيا * 561 هجري ۾ پاڻ دُنيا مان لاڏاڻو فرمايو * حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه تمام وَلين جا ولي آهن، پيرن جا پِير آهن، پِير دستگير، روشن ضمير آهن، سلطان الاولياء آهن * جهڙي طرح پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه وِلايت ۾ تمام وڏو رُتبو رکندڙ آهن * اهڙي طرح عِلم ۾ به تمام وڏي رُتبي جا مالِڪ آهن * پاڻ پنهنجي زماني جا سڀ کان وڏا مفتي هئا * باقاعده فتوائون پڻ لکندا هئا * ۽ مدرسي ۾ پڙھائيندا به هئا۔

اچو! حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي انتهائي سبق آموز نصيحت ٻڌون ٿا:

(نصيحت:1):هر مسلمان تي 3 ڪم لازم آهن

حضور غوثِ پاڪ، شيخ عبد القادر جيلاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو هڪ ڪتاب آهي: فَتُوحُ الغَيب۔ هن ڪتاب ۾ حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه نصيحت ڪندي فرمائن ٿا: هر مسلمان تي هر حال ۾ (يعني ڏينهن هجي، رات هجي، سردي هجي، گرمي