Ghous-e-Pak Ki Naseehatain

Book Name:Ghous-e-Pak Ki Naseehatain

هجي، خُوشي هجي، غم هجي، مَصرُوفيت هجي، فراغت هجي، غرض جيستائين جسم ۾ جان آهي، جيستائين عقل سلامت آهي، ساھ هلي رهيا آهن ان وقت تائين هر مسلمان تي) 3 ڳالهيون لازِم آهن:

(1):اَمرٌ يَمۡتَثِلُه شريعت جي حڪم تي عمل ڪري (2): نَہْیٌ یَجْتَنِبُہٗ شريعت جي منع ڪيل ڳالهين کان بچندو رهي (3): قَدْر يَرۡضٰي بِهٖ تقدير تي هميشه راضي رهي۔

حضور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه وڌيڪ فرمائن ٿا: * مسلمان جي ادنيٰ حالت اها آهي جو اهو ڪنهن وقت به انهن ٽن ڳالھين مان ڪنهن هڪ کان به خالي نه هجي * ان جي دِل انهن ٽنهي ڳالھين جو پڪو ارادو ڪندي رهي * ٻانهو پنهنجي پاڻ سان اهي ڳالهيون بيان ڪندو رهي * ۽ پنهنجي عضوئن کي هر وقت ان ۾ مَصرُوف رکي۔([1])

اي عاشقانِ رسول! غور ڪيو! ڪيتري مختصر ۽ ڪهڙي ته زبردست نصيحت آهي۔ شيخ عبد الحق مُحَدِّث دهلوي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان جي شرح ۾ فرمائن ٿا: حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن مختصر نصيحت ۾ سڄي دِين جو خُلاصو بيان فرمائي ڇڏيو آهي۔([2])

هتي ڪمال ڏسو! اسان وٽ ڪي ماڻهو چوندا آهن: مولانا صاحب! اسان ته دُنيا دار آهيون، بَس جيترو ٿي سگھي ٿو، نمازون پڙھي وٺون ٿا، ذِڪر اَذڪار ڪري وٺون ٿا، حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه اهڙن وسوسن جو به علاج ٻڌايو آهي، فرمايائون: انهن ٽنهي ڳالھين تي عَمَل ڪرڻ (يعني: (1): الله پاڪ جي اَحڪامن جي پيروي ڪرڻ (2): منع ڪيل ڳالھين کان رُڪجي وڃڻ (3): ۽ تقدير تي راضي رهڻ، انهن ٽنهي ڳالھين تي عَمَل ڪندو رهڻ) اها مسلمان جي اَدنيٰ حالت آهي۔ مطلب اِهو آهي ته هر اهو شخص جنهن ڪلمو پڙھيو آهي، هاڻي کڻي اهو دُنيا دار آهي، چاهي ديندار آهي، چاهي واپاري آهي، چاهي وڪيل آهي، ڊاڪٽر آهي يا ڊرائيور آهي، سيٺ آهي يا نوڪر آهي، وڏي کان وڏي بادشاھ کان وٺي غريب کان به 


 

 



[1]... فتوح الغیب، صفحہ:17۔

[2]...شرح فتوح الغیب، صفحہ:10 ماخوذًا۔