Ghous-e-Pak Ki Naseehatain

Book Name:Ghous-e-Pak Ki Naseehatain

غريب انسان تائين هر اهو شخص جنهن ڪلمو پڙھيو آهي، جنهن کي ايمان جي دولت نصيب آهي، ان تي لازِم آهي ته هُو انهن ٽنهي ڳالهين تي هميشه عَمَل ڪندو رهي۔

وڌيڪ هتي هڪ ٻي نڪتي تي غور ڪيو! عام طور تي اسان جي ذِهن ۾ ڪيئي قسم جا خيال گُهمي رهيا هوندا آهن، اسان کوڙ سارا منصوبا ٺاهي رهيا هوندا آهيون، اسان دِل ئي دِل ۾ وڏا وڏا خواب سجائي رکيا هوندا آهن بلڪ اهڙن ماڻهن جو به هڪ تعداد آهي جيڪي نماز پڙھندي به دُنياوي سوچن ۾ گم هوندا آهن، هتي حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي تعليم ڏسو! پاڻ فرمايائون: فَلْیُحَدِّثْ بِہَا نَفْسَہٗ يعني انسان کي گھرجي ته پنهنجو پاڻ سان اهي ٽي ڳالهيون بيان ڪندو رهي۔

 مطلب اهو ته جهڙي طرح اسان دُنياوي معاملن ۾ خواب سجائيندا رهون ٿا، ڪمائڻو ڪٿان کان آهي؟ کائڻو ڇا آهي؟ هڪ دُڪان کوليو آهي، هاڻي ٻيو ڪڏهن کولڻو آهي؟ هڪ ڪاروبار ڪامياب ٿي ويو، ٻيو ڪيئن شروع ڪرڻو آهي؟ ايئن اسان اٿندي ويهندي، هلندي ڦرندي، هر وقت ڪنهن نه ڪنهن سوچ ۾ هوندا آهيون، دُنيا ۾ اڳتي وڌڻ جا خواب سجائي رهيا هوندا آهيون، حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڄڻ اسان کي اهو دَرس ڏنو ته توهان دُنياوي مُعَاملن ۾ خواب سجائيندا رهو ٿا، پنهنجي اندر ئي اندر دُنيا ۾ اڳتي کان اڳتي وڌڻ بابت سوچيندا رهو ٿا، اهڙن خيالن کي ڇڏيو! اهو سوچيو ته مان الله پاڪ جي اَحڪامن تي ڪيترو عمل ڪري رهيو آهيان، جيڪڏهن گهٽتائي آهي ته هن گهٽتائي کي پري ڪيئن ڪرڻو آهي؟ اهو سوچيو ته الله پاڪ جن ڪمن کان منع ڪيو آهي، مان انهن ڪمن کان ڪيترو رڪجان ٿو، جيڪڏهن گهٽتائي آهي ته ان گهٽتائي کي پري ڪيئن ڪرڻو آهي؟ توهان هنن ڳالھين جي باري ۾ سوچڻ شروع ڪري ڇڏيو، انهن ڪمن کي ڪرڻ شروع ڪيو، جيڪڏهن الله پاڪ چاهيو ته توهان جي دُنيا به بهتر ٿي ويندي ۽ توهان جي آخرت به موچاري ٿي ويندي۔