Ghous-e-Pak Ki Naseehatain

Book Name:Ghous-e-Pak Ki Naseehatain

اي عاشقانِ غوث پاڪ! اچو! پيرانِ پير، پير دستگير حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي هن نصيحت تي عَمَل ڪرڻ جي نيت ڪيون ٿا۔ صِرف 3 ڳالهيون آهن: انهن کي پنهنجي ذِهن ۾ رکو! (1): شريعت جي اَحڪامن تي عمل ڪرڻو آهي (2): شريعت جي منع ڪيل ڪمن کان بچڻو آهي (3): ۽ تقدير تي هميشه راضِي رهڻو آهي، بي صبري ناهي ڪرڻي، مصيبت اچي، پريشاني اچي ته رڙيون ناهن ڪرڻيون، روڄ راڙو ناهي ڪرڻو، بلڪه الله پاڪ جي رِضا تي راضِي رهڻو آهي۔ الله پاڪ اسان سڀني کي هن سبق آموز نصيحت تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔

آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّیْن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ۔

از پئے غوثِ اعظم وِلایت                    اپنی رحمت سے فرما عنایت

   اپنی، اپنے نبی کی وِلا کی                 میرے مولیٰ تُو خیرات دےدے([1])

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                           صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

غوث پاڪ جي زندگي جا مختصر احوال

پيارا اسلامي ڀائرو! شهنشاھ بغداد حُضُورغوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه 91 سال ظاهري زِندگي سان هن دُنيا ۾ تشريف فرما رهيا، عالم سڳورن غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي هن 91 سالن جي مبارڪ زندگي کي ٽن حِصَّن ۾ ورهايو آهي:

 (1): پهريون حِصّو: حضور غوثِ پاڪ، شيخ عبد القادِر جيلاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي وِلادت کان وٺي 18 سال تائين۔ هن عرصي ۾ پاڻ پنهنجي آباڻي وطن جيلان ۾ تشريف فرما رهيا، اتي ابتدائي تعليم حاصل ڪيائون (2): ٻيو حِصو: 18 سالن جي عمر مبارڪ کان 51 سالن جي عمر مبارڪ تائين، اهي ڪل 33 سال بڻجن ٿا، هن عرصي ۾ حضور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه بغداد تشريف وٺي آيا ۽ هِتي ديني عِلم حاصِل ڪيائون، انهيء دوران خوب مُجاهدات پڻ ڪيائون، پاڻ جنگلن ۾ وڃي، اڪيلائي ۾ رهي الله پاڪ جي عِبَادت ڪندا هئا ۽ ذِڪر ۽ فِڪر ۾


 

 



[1]...وسائِلِ بخشش، صفحہ:126۔