Ghous-e-Pak Ki Naseehatain

Book Name:Ghous-e-Pak Ki Naseehatain

مشغول رهندا هئا (3): ٽيون حِصو: 51 سال جي عمر مبارڪ کان 91 سالن جي عمر مبارڪ تائين يعني ڪل 40 سال۔ هن عرصي ۾ حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه باقاعِدَه دَرس ۽ بيان جو سلسلو شُروع ڪيائون، نيڪي جي دعوت کي عام ڪيائون، عِلمِ دِين جي روشني ڦھلائي، هدايت جا ڏيئا روشن ڪيائون، ماڻهن کي حق واري دين جي واٽ ڏيکاريائون، سُنتن کي عام ڪيائون ۽ هزارين ڀٽڪيل کي سڌي راھ جو مُسَافِر بڻايائون۔

ڪمال جي ڳالھ اها آهي ته حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي زِندگي مبارڪ جي انهن ٽنهي مرحلن جي ابتداء غيبي اشارن ۽ بشارتن سان ٿي۔ جيئن ته

وِلادت جي رات بِشَارت

جنهن رات شهنشاھ بغداد، حضور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي وِلادتِ باسَعَادت ٿي، ان رات سندس والِدِ محترم حضرت ابوصالِح موسيٰ جنگي دوست رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي خواب ۾ سرڪارِ مدينه، قرارِ قلب و سينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زيارت نصيب ٿي، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پُٽ جي مبارڪباد ڏيندي ۽ بشارت سان نوازيندي فرمايو: یَااَبَا صالِح اي اَبُو صالح! اَعْطَاکَ اللہُ اِبْنًاالله پاڪ اوهان کي پٽ عطا ڪيو آهي، ہُو وَلِّیٖ وَ مَحْبُوْبِی وَ مَحْبُوبُ اللہِ توهان جو هي پٽ منهنجو دوست به آهي، منهنجو محبوب به ۽ الله پاڪ جو به محبوب آهي۔ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ وڌيڪ فرمايو: وَسَیَکُونُ لَہٗ شَاْنٌ فِی الْاَوْلِیَاءِ وَ الْاَقْطَابِ کَشَاْنِیْ بَیْنَ الْاَنْبِیَاءِ وَ الْمُرْسَلِیْن يعني (اي ابوصالح!) اَولياءِ ڪرام جي وچ ۾ توهان جي پٽ جو اهڙو ئي شان هوندو، جهڙو نبين ۽ رسولن جي وچ ۾ منهنجو شان ۽ عظمت آهي۔([1])

غوثِ اعظم دَرْمیانِ اَوْلیا                      چُوْں مُحَمَّد درمیانِ انبیاء


 

 



[1]...سیرتِ غوث الثقلین، صفحہ:55۔