Azmaish Ki Hikmatain

Book Name:Azmaish Ki Hikmatain

نٿو رکي، اهو ويهي پڙھي * جيڪو ويهي نٿو پڙهي سگھي، ليٽي نماز پڙهي * جيڪو چري نٿو سگھي، اهو اشاري سان پڙھي، البت نماز پڙھڻي ضرور پوندي * جيڪو گهڻو بيمار آهي، روزو رکڻ جي طاقت نٿو رکي، اهو فِي الوقت روزو نه رکي پر بعد ۾ اُن جي قضا ڪرڻي پوندي۔ مطلب؛ جيستائين ساھ هلي رهيو آهي ۽ عقل سلامت آهي، شرعِي اَحڪام کان آجو ٿيڻ جي ڪا صُورت نه آهي۔ الله پاڪ فرمائي ٿو:

وَ اعْبُدْ رَبَّكَ حَتّٰى یَاْتِیَكَ الْیَقِیْنُ۠(۹۹) (پاره:14، سورۂ حجر:99)

ترجمو ڪنزالايمان: ۽ موت اچڻ تائين پنهنجي رب جي عبادت ڪندو رھ.

 اسلام جي ٻئي خليفي اَمِيرُ المُؤمِنِين حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ جو واقعو مشهور آهي، جڏهن سندن مٿان قاتلاڻو حملو ڪيو ويو ته سندن رت تمام گھڻو وهي ويو هو، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ تي بيهوشي طارِي هئي، جڏهن بيهوشي ختم ٿئي ته فرمايائون: ڇا ماڻهن نماز ادا ڪري ورتي؟ ٻڌايو ويو: جي ادا ڪري ورتي۔ فرمايائون:لَا اِسْلَامَ لِمَنْ تَرَکَ الصَّلَاۃَيعني جيڪو نماز ڇڏي اهو حقيقي مسلمان ئي نه آهي۔ پوءِ پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ وُضُو ڪيو ۽ نمازِ فجر ادا فرمائي۔([1])

شرعِي اَحڪام تي عمل ڪرڻ جو هڪ فائِدو

شاھ وَليُ الله مُحَدِّث دِهلوي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: الله پاڪ انسان ۾ ٻه قُوَّتون رکيون آهن: (1):قُوَّتِ بَهيمِيه (يعني جانورن واري وَصف) (2): ۽ قُوَّتِ مَلَڪيه (يعني ملائڪن واري وَصف)۔ انسان ۾ انهن ٻنهي قُوَّتن جو موجود هجڻ يا کڻي ايئن چئجي ته پاڻ انسان جو پنهنجو وُجُود ئي هن ڳالھ جي تقاضا ڪري ٿو ته انسان تي شرعِي اَحڪام لازِم ڪيا وڃن ته جيئن الله پاڪ جيڪو انسان جو خالِق


 

 



[1]...فیضانِ فاروقِ اعظم، جلد:1، صفحہ:761۔