Azmaish Ki Hikmatain

Book Name:Azmaish Ki Hikmatain

آهي، انسان کي چڱي نموني سڃاڻي ٿو، انسان جي صلاحيتن کي ڄاڻي ٿو، ان الله پاڪ جي ڏنل اَحڪامن تي عَمَل ڪري انسان ملائڪ جي صِفَّت وارو بڻجي وڃي ۽ جن ڪمن کان الله پاڪ منع فرمايو آهي، اُنهن ڪمن کان پاسو ڪري انسان جانورن واري ڪم کان، حيوانيت کان، وحشيت کان بچي وڃي۔([1])

مَعلُوم ٿيو جيڪڏهن اسان شريعت جي اَحڪامن تي واقعي عَمَل ڪرڻ وارا بڻجي وڃون ته ان جي برڪت سان اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! اسان حقيقي معني ۾ انسان بڻجي وينداسين، حيوانيت، وَحشِياڻي حالت جيڪا اڄڪلھ ڪيئي معاشرن ۾ زَور پڪڙي رهي آهي، ان کان نجات ملي ويندي۔ دُنيا جو سَروي ڪري وٺو! اهي مُعَاشَرا جتي اسلامي نظام نه آهي، جتي اسلامي اَحڪام نافِذ نه آهن، جيڪي ماڻهو شَرعِي اَحڪامن کي نٿا مڃن، يا مڃن ته ٿا پر انهن تي عمل نٿا ڪن، اتي گمراهي، بُريون عادتون، بُرا طَور طريقا عام آهن، اتي جُرم ۽ اهي به تمام گهٽيا جرم عام آهن، روزانو خبرون اينديون رهن ٿيون: فلاڻي ملڪ ۾ 10 ساله ڇوڪري بنا مڙس جي ماءُ بڻجي وئي، فلاڻي ملڪ ۾ چورين جو تعداد هيترو فيصد وڌي ويو، فلاڻي ملڪ ۾ خودڪشي، قتل، لٽ مار جي شرح ايتري فيصد وڌي وئي۔ اهي خبرون اسان ٻڌندا رهون ٿا، اهو سڀ ڇا آهي؟ حيوانيت آهي، وحشياڻي حالت آهي ٻيو ڇا آهي، اهو انسان جو انسانيت جي درجي کان ڪِرڻ آهي ۽ اهو ڇو آهي؟ ان ڪري جو انهن معاشرن ۾ شَرعِي اَحڪام نافِذ نه آهن، اهڙي طرح اهي معاشرا جتي شرعِي اَحڪامن کي مڃيو ته ويندو آهي پر عِلمِ دين کان دُوري جي ڪري ماڻهو دِين کان بيزار نظر اچن ٿا، دِين تي، شرعِي اَحڪامن تي عَمَل نٿا ڪن اتي به اهڙا واقعا هر ايندڙ ڏينهن ٿيندا رهن ٿا، ڪڏهن ننڍڙين ٻارڙين کي حيوانيت جو نشانو بڻائي قتل ڪيو ويندو آهي، ڪڏهن ننڍڙين ننڍڙين گلن جهڙين نياڻين کي پريشر ڪڪر ۾


 

 



[1]...حجۃ اللہ البالغہ، جلد:1، صفحہ:42 خلاصۃً۔