Azmaish Ki Hikmatain

Book Name:Azmaish Ki Hikmatain

حڪومت ڏئي پر هو بدبخت باغي نڪتو ۽ خُدائي جي دعويٰ ڪرڻ لڳو * نمرود کي به آزمايو ويو هو *يزيد کي به آزمايو ويو هو، انهن بدبختن ان نعمتن جو شُڪر ادا نه ڪيو ۽ باغي ٿي ويا۔ مولانا رُوم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا:

نَفْسِ کَس رَا فِرْعَوْن نیست                                  لَیْک اُوْ رَاعَوْن کَس رَا عَوْن نیست

يعني: ڪير آهي جنهن جو نفسِ اَمَّاره فِرعَون نه آهي، ها!  مِصر جي فرعون کي تاج ۽ تخت ڏنو ويو هو، هر هڪ کي تاج ۽ تخت ناهي ملندو۔

مطلب اهو ته جيڪڏهن اسان جهڙي عام انسانن کي به فرعون جيان تاج ۽ تخت ڏنو وڃي، حڪومت، طاقت، قُوَّت ۽ مال ۽ دولت عطا ڪيو وڃي ته شايد اسان به بغاوت ڪيون ۽ شايد فرعون کان به ٻه وِکون اڳتي نڪري وڃون۔ اڄڪلھ ته ان جون مثالون تمام گهڻيون آهن، * جنهن وٽ چار پيسا اچن ٿا، ان جون اکيون آسمان سان وڃي لڳن ٿيون * سٺي نوڪري ملي وڃي ته ماڻهو پوڙهي والدين کي ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍي ڇڏين ٿا * غريب رشتيدارن کان پاسو ڪن ٿا * چار لفظ ڳالهائڻ اچن ته ٻين کي جاهل سمجھڻ شروع ڪيو ويندو آهي * جيڪي ڪڏهن غُربت سبب تنگ ٿي رَوئي رَوئي الله پاڪ کان دُعائون گھري رهيا هوندا آهن، جيئن ئي انهن جي هٿ ۾ چار پيسا ايندا آهن، ٿوري خوشحالي ايندي آهي، الله پاڪ جي نافرمانين تي ايترا دلير ٿي ويندا آهن جو.. بَس الله پاڪ جي پناھ! اِمامِ اهلسنّت، سيدي اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه اهڙن کي ڄڻ سمجھائيندي فرمائي رهيا آهن:

رِزْقِ خُدا کھایا کِیا، فرمانِ حق ٹالا کِیا                       شُکرِ کرم، ترسِ سزا یہ بھی نہیں وہ بھی نہیں([1])

وضاحت: الله پاڪ جو ڏنل رِزق کائڻ...! الله پاڪ جي اَحڪام تي عَمَل نه ڪرڻ...! اي نفس...! نه نعمتن جو شُڪر، نه قيامت جي ڏينهن جي سزا جو ڊپ...هي به نه، هو به نه۔


 

 



[1] حدائقِ بخشش، صفحہ:111۔