Azmaish Ki Hikmatain

Book Name:Azmaish Ki Hikmatain

هاڻي انهن ٽنهي جانورن ڦَرَ ڏنا، انهن جي مال ۾ خوب برڪت ٿي، اٺ واري جي اُٺن سان وادي ڀرجي وئي، ڳئون واري جي ڳئُون ۾ ۽ ٻڪري واري جي ٻڪرين ۾ به تمام گھڻو واڌارو ٿيو۔

هاڻي ملائڪ ٻيهر واري واري سان انهن وٽ آيو، اهو شخص جيڪو پهريان ڪوڙھ جي بيماري ۾ مبتلا هو، ملائڪ ان وٽ هڪ ڪوڙھ واري انسان جي شڪل ۾ اچي چيو: مان هڪ محتاج شخص آهيان، مُسَافِر آهيان، مون وٽ سَفر جا اخراجات ختم ٿي چڪا آهن، توکي ان رَبِّ ڪريم جو واسطو جنهن تو کي سٺو ۽ خوب صُورت رنگ عطا ڪيو آهي، مون کي هڪ اُٺ ڏئي ته جيئن مان پنهنجي منزل تي پهچي وڃان۔ اهو ٻڌي اڳوڻي ڪوڙھ جي مريض چيو: منهنجا خرچ گھڻا آهن (مان توکي ڪجھ نٿو ڏئي سگھان)۔ ملائڪ چيو: شايد تون اهو ئي آهين جيڪو پهريان ڪوڙھ جو مريض هئين، پوءِ الله پاڪ توکي سٺو رنگ، خوب صُورت جسم ۽ مال ۽ دولت عطا ڪيو۔ ان تي هو شخص ناشڪري ڪندي چوڻ لڳو: نه! نه! اهو مال ته منهنجي ابن ڏاڏن جو آهي، مون کي وراثت ۾ مليو آهي۔ ان تي ملائڪ چيو: جيڪڏهن تون ڪوڙو آهين ته الله پاڪ توکي پهريان جيان ڪري۔ پوءِ ملائڪ گنجي وٽ ويو، ان کان به اهڙائي سوال جواب ٿيا، ان به پهرين ماڻهوءَ وانگر ئي جواب ڏنا۔ آخر ملائڪ ان کي به چيو: جيڪڏهن تون ڪوڙو آهين ته الله پاڪ توکي پهريان جھڙو ڪري ڇڏي۔

پوءِ ملائڪ ٽئين شخص وٽ ويو، اهو پهريان نابين هو، ملائڪ به ان وٽ نابين انسان جي شڪل ۾ ويو ۽ چيائين: مان محتاج آهيان، مُسَافِر آهيان، مون وٽ سَفر جو خرچ ختم ٿي ويو آهي، ان رَبِّ ڪريم جو واسطو جنهن توکي اکيون موٽائي ڏنيون، مون کي هڪ ٻڪري ڏئي۔ ان شخص احسان فراموشي نه ڪئي بلڪه چيائين: ها! واقعي مان پهريان انڌو هئس، الله پاڪ مون کي بينائي عطا ڪئي، تون منهنجي مال مان جيترو چاهين کڻي وٺ۔ هاڻي ملائڪ چيو: