Azmaish Ki Hikmatain

Book Name:Azmaish Ki Hikmatain

وَ بَشِّرِ الصّٰبِرِیْنَۙ(۱۵۵)

ترجمو ڪنزالايمان: ۽ خوشخبري ٻُڌاءِ صبر ڪرڻ وارن کي.

معلوم ٿيو؛ جڏهن مصيبت اچي، پريشاني اچي، ڏُک دَرد غم اچن ته ان امتحان ۾ ڪاميابي ڪيئن ملندي؟ شور مچائي نه، روڄ راڙو ڪري نه، نه پريشانين جو هر هنڌ واويلو ڪري، بلڪه ان امتحان ۾ ڪاميابي ملندي صَبر ڪري، الله پاڪ جي رِضا تي راضِي رِهي۔

الله پاڪ جي نبي حضرت سليمان عَلَيۡهِ السَّلَام جي دَور مبارڪ جو واقعو آهي، هڪ شخص هزار دِرهم (يعني چاندي جي سِڪن) جي عيوض هڪ بلبل خريد ڪئي، اها بلبل گھڻو ٻولندي هئي، هڪ ڏينهن ان بلبل جي پڃري وٽ هڪ طوطو اچي ڪجھ چئي اڏامي ويو، بس ان کان پوءِ بلبل ٻولڻ ڇڏي ڏنو۔ هاڻي اهو شخص پنهنجو اهو مسئلو کڻي حضرت سليمان عَلَيۡهِ السَّلَام جي خِدمت ۾ حاضِر ٿيو ۽ سڄي ڳالھ عرض ڪيائين۔ حضرت سليمان عَلَيۡهِ السَّلَام ڇوته الله پاڪ جا نبي هئا ۽ کين پکين جي ٻولين جو عِلم ڏنو ويو هو، پاڻ بلبل کان پڇيو: تون ڇو خاموش آهين، ڳالهائين ڇو نٿي؟ بلبل عرض ڪيو: عالي جاھ! مان ته پنهنجي وطن کي، پنهنجي اولاد کي ياد ڪري روئيندي هئس ۽ ماڻهو منهنجي ان روئڻ کي گيت سمجھندا هئا۔ مون کي طوطي سمجھايو ته تنهنجي بي صبري ئي هن قيد جو سبب آهي، جيڪڏهن تون صبر ڪرين ۽ ماٺ ٿي وڃين ته قيد مان آزاد ٿي ويندينءَ۔ بَس هاڻي مان نه ڳالهائينديس۔

حضرت سليمان عَلَيۡهِ السَّلَام بلبل جي اها ڳالھ ٻڌي ان جي مالِڪ کي فرمايو: تون ان جي ڳالهائڻ کان نااُمِّيد ٿي وڃ، هي هاڻي نه ڳالهائيندي۔ ان شخص جڏهن