Azmaish Ki Hikmatain

Book Name:Azmaish Ki Hikmatain

ڇڏي نيڪين ڏانهن وڌڻ گھرجي پر افسوس! اسان تي مصيبت اچي، اسان تي پريشاني اچي، ڪنهن عزيز جو موت ٿئي، تنگدستي ٿئي، روزگار بند ٿي وڃي ته ماڻهو اُلٽو گُنَاهن جي طرف وڌندا آهن، مَعَاذَ الله! الله پاڪ تي اعتراض ڪندا آهن، شڪوا ڪندا آهن، نمازن کان پري ٿي ويندا آهن، غور ڪيو! معاشري ۾ ڪيترا اهڙا ماڻهو آهن * جن جو ڪو عزيز فوت ٿي وڃي ته اهي غُسل، ڪفن ۽ جنازي جي مَصرُوفيتن ۾ نمازون قضا ڪندا آهن* روڄ راڙو ڪندا آهن *غُربت اچي ته روئيندا رهندا آهن، مَعَاذَالله! ماڻهن جي سامهون الله پاڪ کان شڪوا ڪندا آهن ۔

 افسوس! پريشانيون، مصيبتون اينديون آهن غفلت مان جاڳائڻ جي لاءِ پر اسان ويتر غفلت جو شِڪار ٿي ويندا آهيون، اهڙا ماڻهو به اسان جي معاشري ۾ موجود آهن، جن جو ڪاروبار بند ٿي وڃي، تنگدستي ٿي وڃي ته مسجد جي امام صاحب کي چوندا آهن: مولانا صاحب! ڪاروبار بند ٿي ويو آهي، ڪو وظيفو ٻڌايو! جڏهن امام صاحب وظيفو ٻڌائي چوندو آهي: اهو وظيفو فجر کان بعد پڙھڻو آهي ته وڏي شرمساري سان چوندا آهن: مولانا صاحِب! فجر نٿي پڙهجي، ڪو ٻيو وظيفو ٻڌايو۔ الامان والحفيظ! مصيبت آئي آهي، پريشاني آئي آهي، اها ته غفلت مان جاڳائڻ جي لاءِ آهي، اها ته نيڪين ڏانهن وٺي وڃڻ جي لاءِ آهي، اها ته ان ڪري آئي آهي ته جيئن تَوبه ڪري وٺو، مرڻ کان پهريان گُنَاھ ڇڏي ڏيو، الله پاڪ سان ناطو جوڙي وٺو، ڇا اڃا به فجر نه پڙھي ويندي، ڇا هاڻي به ڳائڻ وڄائڻ هلندو رهندو، ڇا اڃا به فضوليات ۾ مَصرُوفيت رهندي۔ الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

فَلَوْ لَاۤ اِذْ جَآءَهُمْ بَاْسُنَا تَضَرَّعُوْا وَ لٰكِنْ قَسَتْ قُلُوْبُهُمْ (پاره:7، سورۂ اَنعام:43)    

ترجمو ڪنزالعرفان: پوءِ ائين ڇونه ٿيو جو جڏهن انهن تي اسان جو عذاب آيو ته ٻاڏائين ها پر انهن جون ته دليون سخت ٿي چڪيون هيون.