Azmaish Ki Hikmatain

Book Name:Azmaish Ki Hikmatain

* حُضُور نور وارا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جڏهن نمازِ فجر پڙھندا هئا ته چارزانو (يعني پالٿي ماري) ويهندا  هئا، ايستائين جو سج چڱي طرح اُڀري ويندو هو۔ * حُضُورِ انور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ڪڏهن ڪنهن مجلس ۾ ڪنهن پاسي پير ٽيڙي نه ويهندا هئا، نه اولاد ڏانهن، نه ازواجِ پاڪ ڏانهن، نه غُلامن ڏانهن *مبلغ ۽ مُدَرِّس جي لاءِ بيان ۽ تدريس دوران سُنّت هي آهي ته پٺ قبلي ڏانهن رکي ته جيئن انهن کان علم جون ڳالهيون سکڻ وارن جو رُخ قبلي ڏانهن ٿي سگھي۔

ويهڻ جا آداب: *دو زانو (يعني جهڙي طرح نماز ۾ اَلتّحِيات ۾ ويهبو آهي، اهڙي طرح ويهڻ) اَفضَل آهي *حضرت ابنِ عمر رَضِىَ اللهُ عَنۡهُمَا اڪثر قبلي ڏانهن منهن ڪري ويهندا هئا *اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: پِير ۽ اُستاد جي ويهڻ جي جڳھ تي انهن جي غير موجودگي ۾ به نه ويهي۔ * جڏهن ڪنهن اجتماع يا مجلس ۾ اچو ته ماڻهن کي اورانگهي اڳتي نه وڃو، جتي جڳھ ملي اتي ويهي رهو *جڏهن ويهو ته جوتا لاهي وٺو اوهان جا پير آرام ڪندا *جڏهن به ويهو ته پردي واري جڳهن جي ڪيفيت نظر نه اچڻ گھرجي، لهٰذا ”پردي ۾ پردي“ جي لاءِ گوڏن کان قدمن تائين چادر وجهو، جيڪڏهن ڪرتو سُنّت مطابق اڌ پني تائين هجي ته ان جي دامن سان به ”پردي ۾ پردو“ ڪري سگھجي ٿو۔([1])

سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي ”بهارِ شريعت“ جلد:3، حصو: 16 ۽ شيخِ طريقت، امير اهلسنت دَامَتۡ بَرَکَاتُهُمُ الۡعَالِيَه جو 91 صفحن جو رسالو ”550 سنتون ۽ آداب“ خريد ڪيو ۽ پڙھو، سنتون سکڻ جو هڪ ذريعو دعوتِ اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر پڻ آهي۔ آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّیْن  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم


 

 



[1]...550 سنتیں اور آداب، صفحہ:8 تا 11 خُلاصۃً۔