Azmaish Ki Hikmatain

Book Name:Azmaish Ki Hikmatain

ڪيو ويندو آهي۔ مشهور مفسرِ قرآن، حڪيم الاُمَّت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: امتحان هميشه عِلم جي لاءِ ناهي ٿيندو، امتحان مان ڪڏهن پاڻ امتحان ڏيڻ واري کي اهو ٻڌائڻ منظور هوندو آهي (ته هو ڪهڙي درجي جو ماڻهو آهي، ان ۾ ڪيتري قابليت آهي) ۽ ڪڏهن ٻين کي (ٻڌائڻ مقصد هوندو آهي ته ڏسو! اسان جو هيءُ ماڻهو ڪيتري وڏي رُتبي وارو آهي، ڪيئن سخت امتحان ۾ ڪامياب ٿي ويو)۔ جيڪڏهن بغير امتحان جي انعام ورهائجن ۽ ڪنهن کي معمولي ۽ ڪنهن کي وڏو انعام ڏيون ۽ ڪنهن کي بلڪل محروم رکون ته يقيناً سڀني کي شڪايت ٿيندي، لهٰذا هن دُنيا ۾ امتحان ورتا ويندا آهن ته جيڪو امتحان ۾ جيترو سٺي طريقي سان پاس ٿيندو، ان کي اوترو وڏو انعام ڏنو ويندو۔ ڏسو! حضرت امام حُسَينرَضِىَ اللهُ عَنۡهُ جنَّتي نوجوانن جا سردار آهن، ان تي ڪو اعتراض نٿو ٿي سگھي (ته انهن کي ايترو بلند رُتبو ڇو ڏنو ويو) ڇوته امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ دُنيا ۾ صابِرِين (يعني صبر ڪرڻ وارن) جا به سردار آهن۔([1]) خبر پئي ته الله پاڪ جو پنهنجي ٻانهن جو امتحان وٺڻ پنهنجي عِلم جي لاءِ ناهي بلڪه انسان جي قابليت ظاهر ڪرڻ جي لاءِ ٿيندو آهي۔

قُلْزَمِ ہستی سے تُو اُبھرا ہے مانندِ حباب                اس زیاں خانے میں تیرا اِمتحاں ہے زندگی

مطلب: اهو ته انسان مٽي جو هڪ پُتلو آهي، ان جي حيثيت سمنڊ ۾ بلبلي(پاڻي جي ڦوٽي) جيان آهي ۽ دُنيا (جتي انسان رهي ٿو، اها) نقصان جو گھر آهي، هتي انسان جو مسلسل امتحان ورتو ويندو آهي ۽ هنن امتحانن جي ذريعي انسان کي بلبلي مان سمنڊ ڪيو ويندو آهي، يعني بلند مقام عطا ڪيو ويندو آهي۔

ضرور کچھ تو بنائے گی زندگی مجھ کو                         قدم قدم پہ مرا امتحان لیتی ہے


 

 



[1]...تفسیر نعیمی، پارہ:2، سورۂ بقرہ، ھیٺ آیت:155، جلد:2، صفحہ:100 بتغیر قلیل۔