Jazbati Pun ky Nuqsanat

Book Name:Jazbati Pun ky Nuqsanat

جن فرمايو: اَلصَّبْرُ نِصْفُ الْاِيْمانِ صَبر نِصف (يعني اڌ) ايمان آهي۔([1])

هن حديثِ پاڪ ۾ صَبر جي فضيلت بيان ٿي ۽ ٻڌايو ويو ته صَبر اڌ ايمان آهي۔ هاڻي سمجھڻو اهو آهي ته صَبر ڇا کي چئبو آهي؟ امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه اِحياءُ العلوم ۾ صَبر بابت زبردست تحقيق فرمائي، پاڻ فرمائن ٿا: باعثِ دِيني ۽ باعثِ هوٰي (خواهشات) جي پاڻ ۾ مُقابلي جو نالو صَبر آهي۔ باعثِ دِيني يعني نيڪي ڏانهن مائِل ڪرڻ واري قُوَّت ۽ باعِثِ هوٰي جو مطلب آهي؛ خواهشات ڏانهن مائِل ڪندڙ قُوَّت۔([2])

مِثَال طور اسان کي ڪنهن گار ڏني، هاڻي اسان جا جذبات اُڀرندا، دِل چاهيندي ته هن شخص جي زبان ڇڪي وٺجي، مار ڪُٽ ڪري ان جي شڪل بگاڙي ڇڏجي، اها آهي باعِثِ هوٰي۔ ان جي اُبتڙ اسان جو دِين اسان کي ڇا چوي ٿو؟ گار ڏيڻ واري کي معاف ڪري ثواب ڪمايو وڃي۔ اهو آهي دِيني سبب۔ هاڻي اسان کي فيصلو ڪرڻو آهي، جيڪڏهن اسان جذبات جي بنياد تي، باعِثِ هوٰي جي بنياد تي فيصلو ڪنداسين ته جھيڙو وڌندو ۽ جيڪڏهن اسان دِين جي بنياد تي، دِيني سبب جي بنياد تي فيصلو ڪنداسين، جذبات کي قابو ڪنداسين ۽ دِين جي ڳالھ کي ترجيح ڏيندي گار ڏيڻ واري کي معاف ڪنداسين ته اهو صَبر آهي۔

ڪنهن جي والِد صاحِب جو انتقال ٿيو، ان جا جذبات وڌيا، هو غم مان بي حال ٿي ويو، ان جي دل چاهي ٿي ته دانهون ڪري گھڻو روئي، ڪپڙا ڦاڙي، واويلو ڪري پر دِين چوي ٿو: صَبر ڪيو! لڙڪ وهايو پر ڪپڙا نه ڦاڙيو، دانهون نه ڪيو۔ هاڻي فيصلو ڪرڻو آهي، جيڪڏهن اهو شخص جذبات ۾ اچي دانهون ڪندو، ڪپڙا ڦاڙيندو، سيني تي ڌڪ هڻندو ته اهو جذباتي فيصلو آهي ۽


 

 



[1]... معجم کبیر، جلد: 4، صفحہ: 463، حدیث: 8466۔

[2]... احیاءالعلوم مترجم، جلد: 4، صفحہ: 191 خلاصۃً۔