Jazbati Pun ky Nuqsanat

Book Name:Jazbati Pun ky Nuqsanat

پنهنجي رشتيدارن کي به وڏو غم ڏئي ويندا آهن * اسان وٽ هتي ماڻهو ڪنهن جي غلطي برداشت ڪرڻ لاء تيار ناهن هوندا * ٻار غلطي ڪري ٿو، والدين ڪاوڙ ۾ اچي مارَ ڪُٽ تي لهي اچن ٿا، نتيجي ۾ ٻارن جي نفسيات تي بُرو اَثر پئي ٿو، ٻار ضدي بڻجن ٿا، انهن جي تربيت بهتر ناهي ٿي سگھندي، ان جو سبب جذباتي ٿيڻ آھي * گهٽي ۾، روڊ تي بي ڌياني ۾ ڪو ڪنهن سان ٽڪرائجي وڃي ته لڙائي جھيڙو شروع ٿي ويندو آهي، ان جو سبب جذباتي ٿيڻ * مزاج خلاف ڳالھ ٻڌي ڪاوڙ ۾ اچڻ * ڳالھ ڳالھ تي ڪاوڙ اچڻ * چيڙاڪ ٿيڻ * ڪو بُرو چوي ته بدلي ۾ گارگند شروع ڪرڻ، اهو سڀ ڇا آهي؟ جذباتي ٿيڻ آهي * اسان وٽ اهي ئي جذباتي فيصلا اسان جي ڪردار کي داغدار ڪندا آهن * جذباتي فيصلا مَعَاشِي نقصان جو سبب بڻجندا آهن * جذباتي فيصلن سبب گھر اُجڙي ويندا آهن * جذباتي فيصلن سبب قتل و غارت گري * لڙائي جھيڙا وڌندا آهن  ۽ مُعاشري جو امن ۽ سڪون تباھ ٿي ويندو آهي۔ اهڙي طرح عشق مجازي اهو ته ڄڻ جذبات جو تمام وڏو جبل آهي جنهن جي هيٺ شُعُور ۽ سوچڻ سمجھڻ جي صلاحيت اهڙي دفن هوندي آهي جو ... بس! الامان والحفيظ!

بي حيائي عام آهي، جهالت عام آهي، ڇوڪرا ڇوڪري پاڻ ۾ گندي، گُنَاهن ڀري عشق ۾ مبتلا ٿين ٿا، گُنَاهن جو بازار گرم ٿئي ٿو، عشق بازيون هلن ٿيون، ڪجھ ڀيرا گھران ڀڄي ۽ ڪورٽ ميرج جي راھ وٺن ٿا، پوءِ جيڪي عِزَّتون نيلام ٿينديون آهن، ٻن خاندانن جي جنگ ڇِڙندي آهي، ڪڏهن ته ڇوڪرو ڇوڪريءَ جو عشق مجازي وارو اهو جذباتي فيصلو ٻن گھراڻن جي خانداني دُشمني جو سبب بڻجي ويندو آهي ۽ ان سبب نسل دَر نسل لڙائيون ۽ قتل تائين ٿيندا رهندا آهن۔ ڪيئي دفعه دريائن وغيره ۾ لاوارث لاش ملندا آهن، ڪنهن جو ڀاءُ غيرت جي نالي تي ان کي قتل ڪري ڇڏيندو آهي، ڪو عشق