Jazbati Pun ky Nuqsanat

Book Name:Jazbati Pun ky Nuqsanat

جيڪي آهسته آهسته باطِني بيماري جو رُوپ اختيار ڪن ٿا، اهي ضرور نقصان ڏيندڙ آهن جيئن: تَڪبُّر آهي، فَخر ۽ غرور آهي، خُود پسندي آهي، هي اهي باطني بيماريون آهن جيڪي شروعات ۾ عام طور هڪ جذبي طَور تي اسان جي اندر ظاهر ٿينديون آهن پر جيڪڏهن اسان انهن جذبات کي پنهنجي اندر ويهاريون، مثال طور ڪنهن کي تَڪبُّر وارو خيال اچي ۽ هن ان خيال کي ويهاريو ۽ هر هر ان ڏانهن خيال ڪيائين ته هاڻي اهو باطني بيماري بڻجي ويندو۔ هن کي آسان مِثَال سان ايئن سمجھو ته جيئن هائي بلڊ پريشر هڪ مرض آهي، جيڪڏهن ڪنهن شخص جو بلڊ پريشر عام طَور تي وڌي نٿو، پر ڪڏهن کائڻ پيئڻ جي گهٽ وڌ جي ڪري ان جو بلڊ پريشر وڌي ويو ته ان کي هائي بلڊ پريشر جو مريض نه چيو ويندو، ها! جيڪڏهنن هو کائڻ پيئڻ ۾ لاڳيتو بي احتياطي ڪندو رهي ۽ ان جو بلڊ پريشر عادت طور وڌڻ لڳي ته هاڻي ان کي هائي بلڊ پريشر جو مريض چيو ويندو۔ اهو ئي حال جذبات جو به آهي، ڪو به جذبو جڏهن پهريان اسان ۾ اُٿندو آهي ته عام طور تي اهو 12 منٽ جي لاءِ هوندو آهي، جيڪڏهن ڪو ان جذبي کي پاڻ تي اوڍي ڇڏي، هر هر ان جذباتي خيال بابت سوچندو رهي ته هاڻي اهو جذبو جيڪڏهن منفي آهي ته باطني بيماري جي شڪل ٺاھي سگھي ٿو۔

بهرحال! جيستائين جذبات باطِني بيماري جو رُوپ نه اختيار ڪن، ان وقت تائين ذاتي طَور تي جذبات نقصان ڏيندڙ ناهن هوندا بلڪه هڪ حَد تائين اهو به چئي سگھجي ٿو ته جذبات انسان جو خاصو آهن، روبوٽ ۽ انسان ۾ بنيادي فرق ئي جذبات جو ٿيندو آهي، روبوٽ ۾ جذبات ناهن ٿيندا، هو هڪ مشين آهي، نه ان کي ڪاوڙ اچي ٿي، نه ڪنهن سان نفرت ٿئي ٿي، نه محبت ٿئي ٿي۔ اهو الله پاڪ جي تخليق جو ڪمال آهي جو الله پاڪ مٽيءَ مان انسان بڻائي جتي ان ۾ کوڙ ساريون خاصيتون رکيون آهن، اتي انسان ۾ جذبات پڻ رکيا