Jazbati Pun ky Nuqsanat

Book Name:Jazbati Pun ky Nuqsanat

پنهنجي جذبات تي قابُو رکڻ انتهائي ضروري آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! اسان جي اسلاف (بزرگانِ دين) ڪامياب ترين زِندگيون گذاريون آهن، انهن جي ڪاميابي ۾ به وڏو ڪردار E.Q (يعني جذباتي ذهانت) جو آهي، اسان جا بزرگ سڳورا پنهنجي جذبات تي قابُو رکندا هئا، ڪو انهن کي جذباتي ڪرڻ جي ڪوشش به ڪندو هو ته به جذباتي نه ٿيندا هئا۔ اَمِيرُ المُؤمِنِين حضرت عمر بن عبد العزيز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي دَورِ خِلافت جو واقعو آهي، هڪ ڀيري ڪنهن شخص پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه سان سخت ڪلامي ڪئي (يعني بُرو ڀلو چيائين) ته پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪنڌ جھڪائي ورتائون ۽ فرمايائون: ڇا توهان اهو چاهيو ٿا ته مون کي ڪاوڙ اچي ۽ شيطان مون کي حڪومت جي غرور ۾ مبتلا ڪري ۽ مان توکي ظلم جو نشانو بڻايان ۽ قيامت جي ڏينهن تون مون کان ان جو بدلو وٺين...! مون کان ايئن هرگز نه ٿيندو۔ اهو فرمائي خاموش ٿي ويا۔

اللهُ اَڪبَر! پيارا اسلامي ڀائرو! غور ڪيو! اهو شخص جيڪو ڪمزور هجي، جنهن وٽ عهدو نه هجي، طاقت نه هجي ان جي لاءِ به پنهنجي جذبات تي قابُو رکڻ مشڪل ٿيندو آهي، اسان وٽ ته جيڪو هٿ جو استعمال نٿو ڪري سگھي اهو زبان سان گاريون ڏئي ٿو، جيڪو زبان به نٿو هلائي سگھي، اهو دِل ئي دِل ۾ تڙپندو رهي ٿو پر قربان وڃو! حضرت عمر بن عبد العزيز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  تان سندن  E.Q (يعني جذبات تي قابُو ھئڻ) ڪيترو اعليٰ هو، پاڻ خليفا هئا، اَمِيرُ المُؤمِنِين هئا، سندن وٽ طاقت هئي، قُوَّت هئي، ان حال ۾ هڪ شخص اچي کين بُرو ڀلو چوي ٿو، سندن جذبات اُڀارڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر پاڻ پنهنجي جذبات تي قابُو رکن ٿا ۽ ماٺ ٿي وڃن ٿا۔ يقيناً اهو تمام وڏو ڪمال آهي ۽ اهو اسان جي بزرگن جي زندگي جو اهو راز آهي جيڪو انهن کي هر هنڌ باڪمال رکي ٿو، اسان کي به گھرجي ته اسان پنهنجي جذبات تي قابُو رکون، جذبات به الله پاڪ جي وڏي نعمت آهن، اسان تي لازِم آهي ته اسان انهن جو دُرُست استعمال ڪيون۔