Book Name:Jazbati Pun ky Nuqsanat
پيارا اسلامي ڀائرو! ”جذباتي ٿيڻ“ گھڻي قدر ڪاوڙ جي صُورت ۾ ڏسڻ ۾ اچي ايندو آهي۔ امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: ڪاوڙ جو عِلاج ۽ ان مُعَاملي ۾ محنت ۽ مشقت برداشت ڪرڻ (ڪيئي صُورتن ۾) فرض آهي ڇو ته گھڻا ماڻهو ڪاوڙ ئي جي ڪري جهنّم ۾ ويندا۔([1])
ڪاوڙ کان عِلاوه به جذباتي ٿيڻ جون ٻيون ڪيئي صُورتون آهن۔ اچو! جذباتي ٿيڻ کان بچڻ جا ڪجھ طريقا ٻڌون ٿا:
(1): ڪاوڙ واري جذباتيت جو عِلاج
جيڪر ڪاوڙ جي صُورت ۾ جذبات اُڀرن ته هنن طريقن سان ان جو عِلاج ڪري سگھجي ٿو، مثال طور جڏهن ڪاوڙ اچي: (1): اَعُوْذُ بِاللهِ مِنَ الشَّيْطٰنِ الرَّجِيْم پڙھو (2): لَا حَوْلَ وَ لَا قُوَّۃَ اِلَّا بِاللهِ پڙھو (3): چُپ ٿي وڃو (4): وُضُو ڪريو (5): نڪ ۾ پاڻي وجھو (6): بيٺل آهيو ته ويهي رهو (7): ويٺل آهيو ته ليٽي پئو (8): جنهن تي ڪاوڙ اچي رهي آهي، ان جي سامهون کان هٽي وڃو۔([2])
غُصّي جي عِلاج بابت تفصيلي معلومات جي لاءِ امير اهلسنت حضرت علامه مولانا ابوبلال محمد الياس عطار قادري رضوي دَامَتْ بَرَڪَاتُهُمُ الْعَالِيَه جو رسالو غُصّي جو عِلاج پڙھي وٺو۔
(2): سٺيون نيتون ڪرڻ جي عادَت بڻايو...!
بُخاري شريف جي وڏي مشهور حديثِ پاڪ آهي، اسان جي پياري آقا، مڪي