Jazbati Pun ky Nuqsanat

Book Name:Jazbati Pun ky Nuqsanat

مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّيَّات اعمال جو دار و مدار نيتن تي آهي۔([1])

نِيت دِل جي ارادي جو نالو آهي ۽ هن حديثِ پاڪ ۾ نيت جي اهميت کي بيان ڪيو ويو آهي۔ جيڪڏهن اسان هن هڪ حديثِ پاڪ کي پنهنجي زِندگي ۾ نافِذ ڪريون ته يقين ڪيو! اسان جذباتي فيصلن کان گھڻي حد تائين بچي وينداسين۔

نِيت اَصل ۾ هڪ بيداري آهي۔ شايد اسان مان گھڻن جي زندگي ۾ اهڙا لمحا آيا هوندا جو ننڍپڻ ۾ جڏهن اسان رات جو کيڏندي کيڏندي يا پڙھندي پڙھندي سمهي رهندا هاسين ته اسان جي امڙ اسان کي ٻانهن مان جھلي ويهاريندي هئي، ۽ کير جو گِلاس هٿ ۾ ڏئي پيار سان چوندي هئي: پٽ! کير پيئڻ بنا ئي سمهي رهيو آهين، هي وٺ! کير پِي۔ اسان امڙ جي آواز کي ٻڌندا هئاسين، سمجھندا هئاسين ۽ کير جو گِلاس پنهنجي هٿ ۾ پڪڙي پيئندا هئاسين پر صبح جڏهن اُٿندا هئاسين ته هڪ خواب جيان لڳندو هو ته اسان رات کير پيتو هو۔ ماهرينِ نفسيات جو چوڻ آهي ته هن دُنيا ۾ اِنسان کوڙ سارا ڪم هيئن غنودگي جي ڪيفيت ۾ ڪري رهيا هوندا آهن، خاص ڪري جڏهن اسان جي شُعُور تي جذبات جو غلبو هوندو آهي، ان وقت اسان ڄڻ ستل هوندا آهيون، جھڙي طرح ننڍپڻ ۾ امڙ جڏهن کير جو گِلاس ڏيندي هئي ته ننڊ جي حالت ۾ به اسان جا حَوَّاس ايترا بحال هوندا هئا جو اهو گلاس اسان جي هٿان ڪرندو نه هو، اسان کير جو گِلاس نڪ يا ڪن کي نه لڳائيندا هئاسين بلڪه سڌو وات تي لڳائيندا هئاسين، ڪڏهن ڪڏهن ته امڙ کي شُڪريه به چوندا هئاسين، اهڙي طرح جڏهن اسان تي جذبات جو غلبو ٿيندو آهي، ان وقت اسان جو شُعُور جذبات جي هيٺ دٻجي ويندو آهي، اسان دُرُست سوچي ناهيون سگھندا، مُعَاملي


 

 



[1]... بخاری، کتاب: بدء الوحی، باب: کیف کان بدء الوحی، صفحہ: 65، حدیث:1۔