Jazbati Pun ky Nuqsanat

Book Name:Jazbati Pun ky Nuqsanat

جي نزاڪت کي سمجھي ناهيون سگھندا، يڪدم جذباتي ٿي ويندا آهيون، مثال طور جيئن ڪو گار ڏيندو آهي ته اسان غُصّي ۾ لال پيلا ٿيڻ لڳندا آهيون، جڏهن ڪا خوشخبري ملندي آهي ته اسان خوشي مان ٽپا ڏيڻ لڳندا آهيون، ڄڻ اسان جا جذبات اسان کي ڪن مان پڪڙي هلائي رهيا هوندا آهن۔ ان وقت صِرف ضرورت هوندي آهي شُعُور کي جاڳائڻ جي، شُعُور جيڪو جذبات هيٺ دٻجي ويو، ان کي جذبات جي هيٺان ڪڍڻ جي۔

هاڻي نِيت کي سمجھو! نِيت ڇا هوندي آهي: جڏهن به اسان ڪو ڪم ڪرڻ لڳون، دِل سان ان ڪم ڏانهن متوجھ ٿيڻ جو نالو نِيت آهي۔ ڪنهن به ڪم بابت نِيت ڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي ته اسان ان ڪم جي چڱن، بُرن پهلوئن کي سامهون رکون، ڪجھ سيڪنڊ جي لاءِ سوچي وٺون ته اهو ڪم ڪرڻ سان مون کي ڪو دِيني يا دُنياوي فائدو ٿيندو يا نه ٿيندو، پوءِ ان فائدي کي دِل ۾ حاضِر رکي اهو ڪم ڪيو وڃي۔ نِيت ڪرڻ جو اهو ئي عَمَل جڏهن هڪ مسلمان ڪري ٿو ته ان جو اِيمان اها تقاضا ڪري رهيو هوندو آهي ته هو دِيني ۽ اُخروِي فائدي کي ترجيح ڏئي ۽ اها ڳالھ يعني ڪو به ڪم ڪرڻ ۾ دِيني ۽ اُخروي پهلو کي ترجيح ڏيڻ ۽ دِل سان ان پهلو ڏانهن متوجھ ٿي اهو ڪم ڪرڻ، ان کي سٺي نيت چيو ويندو آهي۔ لهٰذا جيڪڏهن اسان سٺيون سٺيون نيتون ڪرڻ جو پنهنجو مَعمُول بڻايون ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم ان جي برڪت سان جڏهن به اسان تي جذبات جو غلبو ٿيندو ته سٺي نِيت ڪرڻ جي اها عادت ڪم ايندي ۽ اسان کي جذبات ۾ بي قابُو ٿي غلط فيصلي ڪرڻ کان ڪافِي حَد تائين محفوظ رکندي۔ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!

الحمد لله! اڄ جي فتنن ڀري دَور ۾ نيڪ ۽ باڪردار بڻجڻ جو جيڪو نسخو شيخ طريقت، امير اهلسنت دَامَتْ بَـرَکَاتُهُمُ الْعَالِيَه عطا فرمايو آهي، يعني: 72 نيڪ اَعمَال۔