Jazbati Pun ky Nuqsanat

Book Name:Jazbati Pun ky Nuqsanat

(4):الله پاڪ جو نالو وٺڻ بغير مثال طور بِسْمِ اللهِ چوڻ بنا جيڪو پنهنجي گھر ۾ داخل ٿيندو آهي، شيطان به اُن سان گڏ داخل ٿي ويندو آهي (5): جيڪڏهن اهڙي گهر (کڻي پنهنجي خالي گهر) ۾ وڃڻ ٿئي جو اُن ۾ ڪو به نه هجي ته هيئن چئو؛ اَلسَّلَامُ عَلَیْنَا وَعَلٰی عِبَادِ اللهِ الصّٰلِحِیْن ملائڪ انهي سلام جو جواب ڏيندا۔ يا هن ريت چوي؛ اَلسَّلَامُ عَلَیْکَ اَیُّـھَاالنَّبِیُّ (يعني يا نبي توهان تي سلام) ڇو ته حضور اقدس صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو روح مبارڪ مسلمانن جي گهرن ۾ تشريف فرما هوندو آهي۔ (6): جڏهن ڪنهن جي گهر ۾ داخل ٿيڻ چاهيو ته هيئن چئو: اَلسَّلَامُ عَلَیْکُمْ ڇا مان اندر اچي سگھان ٿو؟ (7): جيڪڏهن داخل ٿيڻ جي اجازت نه ملي ته خوشي سان موٽي وڃو، ٿي سگھي ٿو ڪنهن مجبوري جي ڪري گهر جي مالڪ اجازت نه ڏني هجي (8): جڏهن ڪو توهان جي گهر جو دروازو کڙڪائي ته سنت اها آهي ته پڇو؛ ڪير آهي؟ ٻاهران واري کي گهرجي ته پنهنجو نالو ٻڌائي؛ مثال طور چوي؛ ”محمد الياس“ نالو ٻڌائڻ جي بدران انهيءَ موقعي تي ”مدينه!“ ”آئون آهيان!“ ”دروازو کوليو“ وغيره چوڻ سنّت ناهي (9): جواب ۾ نالو ٻڌائڻ کان پوءِ دروازي کان هٽي بيهو ته جيئن دروازو کلندي ئي گهر ۾ نظر نه پوي۔ (10): ڪنهن جي گهر ۾ جھاتي پائي ڏسڻ منع آهي۔ ڪجھ ماڻهن جي گهرن جي سامهون هيٺئين پاسي ٻين جا گهر هوندا آهن تنهنڪري کڙڪي يا گيلري وغيره مان جهاتي پائي ڏسڻ وقت ان ڳالهه جو خيال رکڻ گهرجي جو انهن جي گهرن ۾ نظر نه پوي (11): ڪنهن جي گهر وڃو ته اُتان جي انتظامات تي بي جا تنقيد نه ڪريو ان سان هن جي دل آزاري ٿي سگھي ٿي (12): واپسيءَ تي گهروارن جي باري ۾ دعا به ڪريو ۽ شڪريو به ادا ڪريو ۽ سلام به ۽ ٿي سگھي ته ڪو سنتن ڀريو رسالو وغيره تحفي ۾ پيش ڪريو۔