Jazbati Pun ky Nuqsanat

Book Name:Jazbati Pun ky Nuqsanat

ايئن جڏهن انسان نعمت بابت بُرو گمان ڪري ٿو ته اهو گمان ان جي شُعُور کي ڍڪي ڇڏي ٿو، ان وقت اُن تي غنودگي جي هڪ ڪيفيت طاري ٿيندي آهي، ان جا هٿ، پير، جسم جا سمورا عضوا پُوري طرح ڪم ڪري رهيا هوندا آهن پر ان جي سوچڻ سمجھڻ جي صلاحيت ڄڻ سمهي پوندي آهي، هو پنهنجي طَور تي سمجھي رهيو هوندو آهي ته مان وڏي عقل مندي سان سوچي سمجھي فيصلو ڪري رهيو آهيان پر ان وقت اُن جي شُعُور تي، ان جي سوچڻ سمجھڻ جي صلاحيت تي جذبات جو، نعمت بابت بُري گمان جو قبضو هوندو آهي، هي اها غنودگي جي، مَدهوشِي جي ڪيفيت آهي جنهن کي عربي ۾ بَطَر چيو ويندو آهي ۽ اها ئي اها ڪيفيت آهي جيڪا جديد عِلمِ نفسيات جي روشني ۾ جذباتي ٿيڻ جي زُمري ۾ ايندي آهي۔

مڪي جي ڪافرن غزوه بدر جي موقعي تي جيڪو ميدانِ بدر ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪيو هو اهو انهيء ڪيفيت ۾ ڪيو هو، انهن وٽ طاقت هئي، انهن وٽ ماڻهو گھڻا هئا، اهي لڙائين جي مهارت رکندا هئا، انهن وٽ مال ۽ دولت جي ڪثرت هئي، کين هنن ظاهري اسباب بابت بُرو گمان رکيو، اهي هي سمجھيا ته اسان بهادُر آهيون، اسان وٽ طاقت آهي، ڀلا ڪير آهي جيڪو اسان کي شڪست ڏئي سگھندو، هي اهو بُرو گمان هو جيڪو ڪافرن جي سوچڻ سمجھڻ جي طاقت تي ڇانئجي ويو هو، پوءِ انهيء بنياد تي انهن فيصلو ڪيو جيڪو سَراسَر جذباتي فيصلو هو، جيئن ته هن فيصلي جو بنياد ئي غلط هو، تنهنڪري انهن کي بدر جي ميدان ۾ زبردست ۽ تاريخي شڪست ٿي۔ جيڪڏهن اهي ماڻهو جذبات ۾ نه اچن ها، سوچي سمجھي حالات جو جائِزو وٺي فيصلو ڪن ها ته نه اهي ميدانِ بدر ۾ اچن ها، نه انهن کي شڪست ٿئي ها۔ مڪي جي ڪافرن جو هي اهو رَوِيو آهي، جنهن بابت الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾