ALLAH Pak Kay Piyaray Naam

Book Name:ALLAH Pak Kay Piyaray Naam

پاڪ جي بارگاھ ۾ دُعا گُھري: اَللّٰہُمَّ وَفِّقْہَا يعني اِلٰهي! عائشه کي دُرُست دُعا گھرڻ جي توفيق عطا فرماءِ.

اُمُّ المُؤمِنِين بيبي عائشه رَضِیَ اللهُ عَنْهَا فرمائن ٿيون: مون هيئن دُعا گھري:

اللّهُمَّ اِنِّی اَسْاَلُكَ بِجَمِيعِ اَسْمَائِكَ الْحُسْنَى كُلِّهَا، مَا عَلِمْنَا مِنْهَا وَمَا لَمْ نَعْلَمْ، وَاَسْاَلُكَ بِاسْمِكَ الْعَظِيمِ الْأَعْظَمِ، الْكَبِيرِ الْأَكْبَرِ، وَالَّذِي مَنْ دَعَاكَ بِهِ اَجَبْتَهُ، وَمَنْ سَاَلَكَ بِهِ اَعْطَيْتَهُ

ترجمو: اي الله پاڪ! تنهنجا اَسماءِ حُسنيٰ جيڪي اسان ڄاڻون ٿا ۽ جيڪي اسان نٿا ڄاڻون، مان تنهنجي انهن تمام اَسماءِ حُسنيٰ جي وسيلي سان سُوال ڪيان ٿي ۽ تنهنجي ان اِسمِ اعظم، اسمِ اڪبر جي ذريعي سُوال ڪيان ٿي جو جنهن نالي جي ذريعي دُعا گھري وڃي ته تون قبول فرمائيندو آهين ۽ توکان جيڪو سُوال ڪيو وڃي تون عطا فرمائيندو آهين.

اُمُّ المُؤمِنِين سيده عائشه صديقه رَضِیَ اللهُ عَنْهَا جي اها خُوبصُورت دُعا ٻُڌي الله پاڪ جي پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: اَصَبْتِہْ اَصَبْتِہْ يعني اي عائشه! تو دُرُست دُعا گُھري، اي عائشه! تو دُرُست دُعا گُھري۔([1])

سر ہے خم ہاتھ میرا اُٹھا ہے       یاخُدا! تجھ سے میری دُعا ہے

فَضْل کی، رَحْم کی التجا ہے         یاخُدا! تجھ سے میری دُعا ہے

قلب میں یاد لب پر ثنا ہے        میرے ہر درد کی یہ دوا ہے

کون دُکھیوں کا تیرے سِوا ہے      یاخُدا! تجھ سے میری دُعا ہے([2])

صَــلُّـوْا  عَـلَـی   الْـحَبِيْـب!                                                                                        صَـلَّـی اللهُ   عَلـٰی   مُـحَـمَّد


 

 



[1]... الاسماء و الصفات، صفحہ:13۔

[2]... وسائِلِ بخشش، صفحہ:134۔