ALLAH Pak Kay Piyaray Naam

Book Name:ALLAH Pak Kay Piyaray Naam

چوٿين آسمان جي ملائڪن مدد ڪئي

صحابيء رسول حضرت انس بن مالِڪ رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ فرمائن ٿا: سلطانِ عالميان، رسولِ ذيشان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جا هڪ صحابي رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ وڏا متقي ۽ پرهيز گار هئا، اهي واپار ڪندا هئا ۽ پنهنجو مال خريد ۽ فروخت جي لاءِ هڪ ملڪ کان ٻي ملڪ، هڪ شهر کان ٻي شهر کڻي ويندا هئا، هڪ ڀيري اهي واپار وارو سامان کڻي سَفَر تي روانو ٿيا، جڏهن هڪ جهنگل ۾ پهتا ته اوچتو لوهي زِره پاتل ۽ هٿيار (تلوار وغيره) کنيو هڪ ڌاڙيل سامهون آيو ۽ اُن پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ کي روڪي چيو: پنهنجو سڄو مال منهنجي حوالي ڪري ڇڏ ۽ قتل ٿيڻ جي لاءِ تيار ٿي وڃ! اهو ٻڌي انھن صحابي رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ جن فرمايو: توهان کي مال کپي، منهنجو سڄو مال کڻي وڃو ۽ مون کي وڃڻ ڏيو، مون کي قتل ڪرڻ سان توهان کي ڪهڙو فائدو ملندو؟ ڌاڙيل چيو: مان توهان کان مال ته ڦريندس ئي پر گڏوگڏ توهان کي قتل به ضرور ڪندس۔

 ايترو چوڻ کان بعد جڏهن اهو ڌاڙيل حملو ڪرڻ جي لاءِ اڳتي وڌيو ته صحابي رسول رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ چيو: جيڪڏهن توهان منهنجي قتل جو ارادو ڪري ئي ورتو آهي ته مون کي ٿوري مهلت ڏيو ته جيئن مان پنهنجي رَبِّ ڪريم جي بارگاھ ۾ سجدو ڪري وٺان۔ ڌاڙيل چيو: جيڪو ڪرڻو آهي جلدي ڪر، مان توکي قتل ضرور ڪندس۔ هاڻي صحابيِ رسول رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ وُضو ڪري، 4 رڪعت نماز پڙھي، پوءِ سجدي جي حالت ۾ الله پاڪ جي بارگاھ ۾ هيئن دُعا گھري:

یَا وَدُوْدُ! یَا ذَاالْعَرْشِ الْمَجِیْدِ! یَا فَعَّالُ لِّمَا یُرِیْدُ! اَسْئَلُکَ بِعِزِّکَ الَّذِیْ لَا یُرَامُ وَمُلْکِ الَّذِیْ لَایُضَامُ ، بِنُوْرِکَ الَّذِیْ مَلَأَ اَرْکَانَ عَرْشِکَ اَنْ تَکْفِیَنِیْ شَرَّ ھٰذَا اللِّصِّ، یَا مُغِیْثُ اَغِثْنِیْ! یَا مُغِیْثُ اَغِثْنِیْ! یَا مُغِیْثُ اَغِثْنِیْ!