ALLAH Pak Kay Piyaray Naam

Book Name:ALLAH Pak Kay Piyaray Naam

ترجمو: اي ودُود! اي عرشِ مجيد جا مالِڪ! اي اها ذات جيڪا هميشه جيڪو ڪجھ چاهي ڪرڻ واري آهي، تنهنجي عِزَّت جنهن جي ڪا انتها نه آهي، مان توکي انهيء عِزَّت جو واسطو ڏيان ٿو، اي اهڙي بادشاهت جا مالِڪ! جنهن تي ڪو دٻاءُ نٿو وجھي سگھي، اهو نُور جنهن سان تنهنجو عرش روشن آهي، مان توکي ان نُور جو واسطو ڏيان ٿو، اي منهنجا پاڪ پروردگار! مون کي هن ڌاڙيل جي شَر کان محفوظ فرمائجان۔ اي مدد ڪرڻ وارا! منهنجي مدد فرماءِ، اي مدد ڪرڻ وارا! منهنجي مدد فرماءِ۔ اي مدد ڪرڻ وارا منهنجي مدد فرماءِ۔

صحابي رسول رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ وڏي عاجزي ۽ انڪساري سان ٻاڏائي 3 ڀيرا هن طرح دُعا گھري، اڃا پاڻ دُعا مان فارِغ به نه ٿيا هئا جو اوچتو هڪ صاحِب گھوڙي تي سُوار، هٿ ۾ نيزو کڻي ظاهر ٿيو ۽ هڪ ئي وار ۾ ڌاڙيل کي ماري ڇڏيائين۔ پوءِ هو گھوڙي سُوار صاحِب صحابي رسول رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ وٽ آيو۔ صحابئ رسول رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ ان اچڻ واري کان پڇيو: اي عظيم شخص! اڄ هن مصيبت ۾ توهان منهنجي مدد ڪئي، توهان ڪير آهيو؟ سُوار چيو: مان الله پاڪ جي ملائڪن مان هڪ ملائڪ آهيان ۽ چوٿين آسمان تان اوهان جي مدد جي لاءِ آيو آهيان۔

جنّتي صحابي حضرت انس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ فرمائن ٿا: جيڪو شخص وُضو ڪري ۽ 4 رڪعت نماز پڙھي انهيءَ ڪلمات جي ذريعي دُعا گھري جن ڪلمات سان اُنھن صحابي رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ دُعا گھري ته ان جي دُعا قبول ڪئي ويندي آهي۔([1])

 اي عاشقانِ رسول! صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضوَان جي بلند شان ۽ عظمت ڏسو جو اُنھن صحابي رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ اَسمَاءِ حُسنيٰ جي ذريعي دُعا گھري ته چوٿين آسمان جو


 

 



[1]... موسوعۃ الامام ابن ابی الدنیا، کتاب: مجابی الدعوۃ، جلد:2، صفحہ:322-323، حدیث:23۔