ALLAH Pak Kay Piyaray Naam

Book Name:ALLAH Pak Kay Piyaray Naam

اَسمَاءِ حُسنيٰ جون برڪتون

پيارا اسلامي ڀائرو! جهڙي طرح اَسماءِ حُسنيٰ جي برڪت سان دُعائون پُوريون ٿينديون آهن، ايئن ئي اَسماءِ حُسنيٰ جون ٻيون کوڙ برڪتون آهن، مختلف مسئلن ۽ مشڪلاتن وغيره جي حل جي لاءِ اَسمَاءِ حُسنيٰ جو وِرد به ڪيو ويندو آهي، شيخِ طريقت امير اهلسنت حضرت علَّامه مولانا ابوبلال محمد الياس عطار قادري رضوي دَامَت بَرَکَاتُهُمُ العَالِيَه جو رسالو آهي: 40 رُوحاني علاج۔ هن رسالي ۾ اَسمَاءِ حُسنيٰ جا ورد وظيفا لکيل آهن، اهڙي طرح امير اهلسنتدَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه جي ڪتاب ”مدني پنج سُوره“ صفحي: 246 کان 259 تي به 99 اَسماءِ حُسنيٰ جا آسان ۽ مختصر مختصر ورد ۽ وظيفا لکيل آهن، مثال طور* جيڪو هر نماز کان  بعد 100 ڀيرا يَااللهُ پڙھي، ان جو باطِن ڪشاده ٿيندو
* جيڪو هر نماز کان بعد 7 ڀيرا ھُوَ اللهُ الرَّحِيْم پڙھي وٺي، اهو شيطان کان بچيل رهندو ۽ ان جو ايمان تي خاتمو ٿيندو * جيڪو غريب روزانو 90 ڀيرا يَامَلِڪُ پڙھي، اِن شَآءَ الله الڪرِيم! غُربت کان نجات ماڻيندو، اهڙي طرح جا مختصر مختصر 99 رُوحاني عِلاج مدني پنج سُوره ۾ لکيا ويا آهن۔ مڪتبة المدينه تان مدني پنج سُوره خريد ڪيو، گھر ۾ رکو، هن کي پڙھو ۽ برڪتون حاصِل ڪيو! الله پاڪ اسان سڀني کي توفيق عطا فرمائي۔      آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم.

(3)اَسمَاءِ حُسنيٰ بابت حق کان هٽڻ وارا

پيارا اسلامي ڀائرو! سيپاري: 9، سورہِ اعراف جي اَسماءِ حُسنيٰ واري آيت سڳوري جيڪا اسان شروع ۾ ٻُڌي، هن آيت سڳوري ۾ اسان کي ٽيون حڪم اهو ڏنو ويو: