ALLAH Pak Kay Piyaray Naam

Book Name:ALLAH Pak Kay Piyaray Naam

وَ ذَرُوا الَّذِیْنَ یُلْحِدُوْنَ فِیْۤ اَسْمَآىٕهٖؕ-سَیُجْزَوْنَ مَا كَانُوْا یَعْمَلُوْنَ(۱۸۰) (پاره:9،سورۃالاعراف:180)       

  ترجمو ڪنز العرفان: ۽ اُنهن ماڻهن کي ڇڏي ڏيو جيڪي اُن جي نالن ۾ حق کان پري ٿين ٿا. عنقريب انهن کي سندن عملن جو بدلو ڏنو ويندو.

آيت سڳوري جي هن حصي جو هڪ مطلب اهو آهي ته اهي ماڻهو جيڪي الله پاڪ جي نالن جي مُعاملي ۾ حق کان پري ٿين ٿا، انهن جي موافقت نه ڪيو! انهن کان پري رَهو! عنقريب الله پاڪ انهن کي سندن ڪيل جي سزا ڏيندو۔([1])

الله پاڪ جي نالن جي معاملي ۾ اِلحاد ڇا آهي؟

 اي عاشقانِ رسول! الله پاڪ جي چڱن پاڪيزه نالن جي مُعَاملي ۾ اِلحاد يعني حق کان پري هٽڻ جون کوڙ صُورتون آهن مثال طور * الله پاڪ جي شان ۾ اهڙا لفظ استعمال ڪرڻ جيڪي ان جي شان ۽ عظمت جي لائق نه آهن، جيئن ڪجھ ڪافر الله پاڪ کي مَعَاذَ الله! اَبٌ(يعني پيءُ) چوندا آهن، فلسفي الله پاڪ کي مَبدَءِ فَيْض چوندا آهن، اهو اَسمَاءُ الحسنيٰ ۾ الحاد آهي * اهڙي طرح اهي لفظ جن جي معني ته دُرُست هجي پر الله پاڪ جي شان ۾ هنن لفظن جو استعمال بي ادبي ٿئي، اهڙا لفظ الله پاڪ جي شان ۾ استعمال ڪرڻ به اَسمَاءُ الحسنيٰ ۾ اِلحاد آهي۔ مثال طَور الله پاڪ کي خَالِقِ خِنْزِيْر (يعني خنزير کي پيدا فرمائڻ وارو) چوڻ۔ يقيناً خنزير کي الله پاڪ ئي پيدا فرمايو آهي پر هنن لفظن سان الله پاڪ کي پُڪارڻ بي ادبي آهي * ايئن ئي اهي لفظ جن جي معني


 

 



[1]... تفسیر بیضاوی، پارہ:9، سورۂ اعراف، زیرِ آیت:180، جلد:4، صفحہ:336۔