ALLAH Pak Kay Piyaray Naam

Book Name:ALLAH Pak Kay Piyaray Naam

سٺي به آهي ۽ هڪ معني بُري به، الله پاڪ جي شان ۾ هنن لفظن جو استعمال به منع آهي؛ مثال طور الله پاڪ کي شَافِي (شِفَا ڏيڻ وارو) ته چئي سگھون ٿا پر طبيب نٿا چئي سگھون ڇوته طبيب پيشه ور ڊاڪٽر کي چيو ويندو آهي، کوڙ ماڻهو الله ميان چوندا آهن ، لفظِ مِيَان جون کوڙ معنائون آهن ان جي هڪ معني مڙس به آهي، اُن ڪري الله پاڪ کي الله مِيان چوڻ به دُرُست نه آهي۔([1]) تفسير صِراط الجنان ۾ آهي: الله پاڪ جا اهي پاڪيزه نالا جيڪي الله پاڪ ئي سان خاص آهن، اهي مبارڪ نالا مخلوق جي لاءِ استعمال ڪرڻ به اِلحاد فِي الاَسماء   ۾ شامِل آهي؛ جيئن ڪنهن جو نالو رَحمٰن ، قُدُّوس، قَدِير وغيره رکڻ۔([2])

اڄڪلھ معاشري ۾ نالو رکڻ ۽ ٻين کي پُڪارڻ جي معاملي ۾ وڏي بي احتياطي ڪئي ويندي آهي۔ ڪجھ نادان عِلمِ دين جي ڪمي جي ڪري پنهنجي ٻارن جو نالو ”رَحمٰن“ رکي ڇڏيندا آهن، هي دُرُست نه آهي، هن جي بدران هي نالو رکڻ گھرجي: عَبْدُ الرَّحْمٰن۔ اهڙي طرح هي مصيبت به گھڻي عام آهي ته جنهن جو نالو مثلاً عَبْدُ الرَّحْمٰن آهي، ان کي خالي رَحمٰن چئي سڏيندا آهن، عَبد هٽائي ڇڏيندا آهن۔ اهو حرام آهي، هن کان بچڻ لازِم آهي۔([3])

هميشه ياد رکو! الله پاڪ جا تمام نالا تَوقِيْفِي آهن يعني جيڪي پاڪيزه نالا قرآنِ ڪريم ۾ اچي ويا، حديثِ پاڪ ۾ بيان ٿيا، شريعت مُقَرَّر ڪيا، الله پاڪ کي انهن ئي نالن سان پُڪاريو ويندو، ڪو به پنهنجي طرفان الله پاڪ جو ڪو نالو نٿو رکي سگھي۔([4])


 

 



[1]... تفسیرِ نعیمی، پارہ:9، سورۂ اعراف، زیرِ آیت:180، جلد:9، صفحہ:388 ماخوذاً۔

[2]... تفسیرِ صراط الجنان، پارہ:9، سورۂ اعراف، زیرِ آیت:180، جلد:3، صفحہ:481 ۔

[3]... تفسیرِ صراط الجنان، پارہ:9، سورۂ اعراف، زیرِ آیت:180، جلد:3، صفحہ:481 ۔

[4]... تفسیرِ نعیمی، پارہ:9، سورۂ اعراف، زیرِ آیت:180، جلد:9، صفحہ:388 ماخوذاً۔