ALLAH Pak Kay Piyaray Naam

Book Name:ALLAH Pak Kay Piyaray Naam

الله پاڪ اسان کي عِلمِ دين سکڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّیْن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

صَــلُّـوْا  عَـلَـی   الْـحَبِيْـب!                                     صَـلَّـی اللهُ   عَلـٰی   مُـحَـمَّد

99 اَسماءِ حُسنيٰ ياد ڪرڻ جي فضيلت

بُخاري شريف جي حديثِ پاڪ آهي، سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: اِنَّ لِلّٰہِ تِسْعَۃً وَّ تِسْعِیْنَ اَسْمَآءً مِئَۃً غَیْرَ وَاحِدٍ مَنْ اَحْصَاہَا دَخَلَ الْجَنَّۃَ بيشڪ الله پاڪ جا 99 يعني سؤ مان هڪ گھٽ نالا آهن، جنهن انهن کي ياد ڪري ورتو، اهو جنَّت ۾ داخِل ٿيو۔([1])

 عالم سڳورا فرمائن ٿا: الله پاڪ جا ڪُل اَسمَاءِ حُسنيٰ 99 نه آهن، اهي ته بيشُمار آهن، هن حديثِ پاڪ ۾ الله پاڪ جي انهن 99 اَسمَاءِ حُسنيٰ جو ذِڪر آهي جن کي ياد ڪرڻ جنتي ٿيڻ جو ذريعو آهي. حڪيم الاُمَّت، حضرت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن حديثِ پاڪ جي حوالي سان فرمائن ٿا: جيڪو مسلمان اهي (99) نالا ياد ڪري وٺي ۽ روزانو انهن جو وِرد ڪري، اُهو اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم !  پهريان ئي جنّت ۾ ويندو۔([2])

 سُبحٰنَ الله! ڪيتري پياري فضيلت آهي...!! قرآنِ ڪريم جي تقريباً هر نسخي جي شروع  ۾ عام طور تي الله پاڪ جا 99 نالا لکيل هوندا آهن، اتي ڏسي ياد ڪري سگھجن ٿا، جيڪڏهن اسان روزانو جا 10 اَسمَاءِ حُسنيٰ به ياد


 

 



[1]... بخاری، کتاب: الشروط، صفحہ:710، حدیث:2736۔

[2]... مرآۃ المناجیح شرح مشکوۃ المصابیح، کتاب اسماء الله الحسنی، الفصل الاوّل، جلد3، ص325۔