ALLAH Pak Kay Piyaray Naam

Book Name:ALLAH Pak Kay Piyaray Naam

ڪري وٺون ته صِرف 10 ڏينهن ۾ مڪمل ياد ٿي ويندا ۽ الله پاڪ چاهيو ته ان جي برڪت سان اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم ! جنّت ۾ داخِلا نصيب ٿيندي.

وہ تو نہایت سستا سودا بیچ رہے ہیں جنّت کا       ہم مفلس کیا مول چُکائیں، اپنا ہاتھ ہی خالی ہے

اَسمَاءِ حُسنيٰ معرفت ِ اِلٰهي جو  ذريعو  آهن

 پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ جي پيارن پيارن مبارڪ اَسمَاءِ حُسنيٰ جي برڪتن مان هڪ برڪت اها به آهي ته اَسمَاءِ حُسنيٰ الله پاڪ جي معرفت (يعني سڃاڻپ) حاصِل ڪرڻ جو ذريعو آهن۔ حُجَّةُ الاِسلام امام محمد بن محمد غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هن دُنيا ۾ مخلوق جي لاءِ الله پاڪ جي مَعرِفت حاصِل ڪرڻ جي هڪ ئي راھ آهي ۽ اها هي آهي ته ٻانهو الله پاڪ جي اَسمَاءِ حُسنيٰ ۽ صِفَتن جي مَعرفت حاصِل ڪري۔([1]) بلڪه عالم سڳورا فرمائن ٿا: الله پاڪ جنهن ٻانهي کي پنهنجي وِلايت جي لاءِ چونڊيندو ۽ ان کي عِلمِ لَدُنِّي سان نوازڻ جو ارادو فرمائيندو آهي، ان کي سڀ کان پهريان 99 اَسمَاءِ حُسنيٰ جو عِلم ڏنو ويندو آهي۔([2]) امام ابو قاسِم قُشَيري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جيڪو ٻانهو الله پاڪ جي اَسمَاءِ حُسنيٰ جي معرفت حاصِل ڪري وٺي، الله پاڪ دُنيا ۽ آخرت ۾ اُن جو نالو چمڪائي ڇڏيندو آهي۔([3])

ڪاش! اسان کي به الله پاڪ جي پاڪيزه اَسمَاءِ حُسنيٰ جي معرفت نصيب


 

 



[1]... المقصدُ الْاَسْنیٰ، صفحہ:53۔

[2]... اَلْاَسْنیٰ فِی شرح اَسْماءِ الحسنیٰ، صفحہ:80 ۔

[3]... شرح اَسْمَاءِ الله الحسنیٰ، صفحہ:22۔