ALLAH Pak Kay Piyaray Naam

Book Name:ALLAH Pak Kay Piyaray Naam

ٿي وڃي! آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

تُو اپنی وِلایت کی خیرات دیدے     مِرے غوث کا واسطہ یااِلٰہی!

بنا دے مجھے نیک نیکوں کا صدقہ     گناہوں سے ہر دَم بچا یااِلٰہی!

عبادت میں گزرے مری زندگانی    کرم  ہو  کرم  یاخُدا  یااِلٰہی!([1])

2 اَسمَاءِ حُسنيٰ جي وضاحت

پيارا اسلامي ڀائرو! اچو! الله پاڪ جي اَسمَاءِ حُسنيٰ مان ٻن پاڪيزه نالن جي وَضاحت ٻڌڻ جي سعادت حاصِل ڪيون ٿا:

الله پاڪ جو هڪ پاڪيزه نالو: اَلحَڪيمُ

الله پاڪ جي اَسمَاءِ حُسنيٰ مان هڪ پاڪيزه نالو آهي: اَلحَڪيمُ۔ هن جي معني آهي: اها پاڪ ذات جنهن جو هر فرمان، هر ڪم حڪمت وارو آهي۔([2])

الله پاڪ جي هن پاڪيزه نالي مان معلوم ٿيو ته الله پاڪ جي هر ڪم ۾ هزارين حڪمتون هونديون آهن * الله پاڪ آسمان کي اُونچو رکيو * زمين کي پيرن هيٺ وڇايو، اها سندس حڪمت آهي * سج کي گرم رکيو * چنڊ جي روشني ٿڌي رکي، اها ان جي حڪمت آهي * رات ۾ اونداهي ڪري ٿو * ڏينهن کي روشن رکي ٿو * ڪنهن کي امير بڻايو * ڪنهن کي غريب رکيو * ڪو تندرست آهي * ڪو بيمار آهي * ڪنهن کي 100 سالن جي ڄمار بخشي * ڪو ڦوھ جواني ۾ موت جو شڪار ٿيو * ڪنهن کي پٽ عطا ڪيا * ڪنهن کي صِرف نياڻيون عطا


 

 



[1]... وسائِل بخشش، صفحہ:105۔

[2]... اَلْاَسْمَاء وَ الصِّفَات للبیہقی، صفحہ:32۔